قاهرا(دلچسپ نيوز) موت جو ڊرامو رچائيندڙ يوٽيوبرسال بعد فوت ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مصر جي مشهور يوٽيوبر ام زياد سال اڳ پنهنجي ِيوٽيوب چينل تان موت جي خبر هلرائي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ام زياد پنهنجي مڙس سان گڏ ماني کائي رهي آهي ته اوچتو سندس طبيعت خراب ٿي وڃي ٿي ۽ هيٺ ڪرڻ بعد ائين محسوس ڪرائي ٿي ڄڻ هو فوت ٿي وئي آهي ٻارڙا سندس مٿان روئڻ شروع ڪن ٿا ڪجهه منٽن بعد هو اٿي ويهي رهي ٿي ان وڊيو ۾ هن پيغام ڏيندي چيو ته مون اهو ڊرامو ان لا3 رچايو ته جيئن ٻارن ۽ مڙس جو رد عمل ڏسي سگهان. جعلي خبر هلائيندڙ يِوٽيوبر موت تي هزارين پيغام پڻ وصول ڪيا، حقيقي موت کان اڻ ڄاڻ ام سال بعد ساڳئي ئي ڏينهن فوت ٿي وئي، يوٽيوبرجي جعلي ورسي ڏهاڙي تي سندس موت جي خبرهلائي وئي.