اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو

0
132
اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو
اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو

شاهد خاقان عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، شاهد خاقان جي وڪيل خواجا نويد چيو ته پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين واري ريفرنس ۾ شاهد خاقان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪئي هئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ گرفتاري کان اڳ ضمانت دوران شاهد خاقان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي شاهد خاقان ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني وچ ۾ مختصر ملاقات به ٿي

شاهد خاقان چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي اچي وئي هاڻي انصاف ڪنهن سان ٿيندو، 9 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان، اڳوڻي وزيراعظم کي انصاف نه ملي ته عام ماڻهوءَ جو ڇا ٿيندو