بينچ کان ڌار نٿو ٿيان، ڇا ڪندئو؟ جسٽس طارق مسعود اعتراضن باوجود ٻڌڻي هلائيندو رهيو!

0
138

سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي سربراهه جسٽس طارق مسعود پنهنجي خلاف وڪيلن جي اعتراض باوجود فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکي

وڪيل لطيف کوسا جسٽس سردار طارق کي مخاطب ٿي چيو ته بينچ ۾ توهان جي موجودگي تي اعتراض اٿاريا ويا آهن، توهان پنهنجي نوٽ ۾ فوجي عدالتن تي راءِ ڏئي چڪا آهيو

جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته ڪنهن اعتراض ڪيو آهي؟ وڪيل سلمان اڪرم چيو ته درخواست گذار جواد ايس خواجا اعتراض ڪيو آهي

جسٽس طارق مسعود چيو ته مان بينچ کان الڳ نه ٿو ٿيان، ڇا ڪندئو، لطيف کوسا چيو ته اسان جي اعتراض باوجود توهان ويهي ڪيس ٻڌي رهيا آهيو

جسٽس طارق مسعود چيو ته ڇا بيهي ڪري ڪيس جي ٻڌڻي هلايون؟ ان موقعي تي اٽارني جنرل ڪاوڙ ۾ چيو ته جڏهن نوٽيس ناهي ته پوءِ اعتراض ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿو؟ جنهن اعتراض ڪيو اهو پاڻ ته عدالت ۾ موجود نه آهي، بهتر اهو آهي ته بينچ پهرين اپيلن تي ٻڌڻي شروع ڪري

وڪيل اعتزاز احسن روسٽرم تي اچي چيو ته اعتراض تي فيصلو پهرين ٿيڻ گهرجي ته توهان کي بينچ ۾ ويهڻو آهي يا نه، جسٽس سردار طارق چيو ته مان ٻڌڻي هلائڻ کان انڪار نه ٿو ڪيان اڳتي وڌو

جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ۾ چيو ته جن ماڻهن ڪالهه پاڪ فوج جا 23 جوان ماريا انهن سولينز جو ٽرائل هاڻي ڪهڙي قانون تحت ٿيندو؟

وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کي جڏهن ٻڌو ويندو ته انهن سوالن جا تسلي جوڳا جواب ڏينداسين، بنيادي حقن کي آئين ۾ تحفظ ڏنو ويو آهي، جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته هڪ ته بنيادي حق خبر ناهي ته اسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندا

هي به پڙهندا

فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل جاري رکڻ جي اجازت، ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو معطل