افغانين سميت غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جو معاملو ڪميٽي حوالي

0
192
افغانين سميت غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جو معاملو ڪميٽي حوالي
افغانين سميت غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جو معاملو ڪميٽي حوالي

سپريم ڪورٽ افغانين سميت غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جو معاملو لارجر بئنچ ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو

جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ۾ چيو ته سڀاڻي ڪو جاسوس پاڪستان ۾ گهڙي هڪ سال تائين ويهي رهي ۽ پڪڙجي پوڻ تي چوي ته منهنجا بنيادي انساني حق متاثر پيا ٿين، مون کي گرفتار نه ڪيو ته پوءِ توهان ڇا چوندا؟

جسٽس سردار مسعود احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي خلاف پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر، جماعت اسلامي جي اڳواڻ مشتاق احمد ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

عدالت چيو ته درخواست گذارن آرٽيڪل 224 تحت نگران حڪومت جي اختيارن تي سوال اٿاريو آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت آئين جي تشريح لاءِ معاملا لارجر بئنچ ۾ وڃڻ گهرجن، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سياري جي موڪلن بعد ٿيندي