ڪراچي: صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته اسان وٽ ڊرگ انسپيڪٽرن جي کوٽ آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڪراچي سول اسپتال ۾ 14 آئي سي يو وارڊ آهن، جيڪي هر وقت ڀريل رهن ٿا اسان ڪوشش ڪريون پيا ته نوان آءِ سي يو وارڊ قائم ڪريون، هن چيو ته ڪورونا دوران سرجري (آپريشن ) بند ڪئي وئي هئي، جنهن سبب ماڻهن کي تڪليف ٿي. هن چيو ته حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اين جي اوز کي ڏنل اسپتالون بهتر ڪم ڪن پيون، اسان انهن کي دوائون ۽ ٻي مدد ڪندا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صحت کاتو هڪ وڏو کاتو آهي ان ڪري سڀني شين تي نظر نه ٿا رکي سگهون.