ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ فرانس ۾ نبي ڪريم صه جا توهين آميز خاڪا ٺاهڻ خلاف مذمتي قرارداد پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته وفاقي سرڪار اهڙي عمل خلاف سمورن عالمي فورمن تي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائي. صوبائي وزير ناصر شاهه پاران پيش ڪيل قرارداد جي سمورن پارليماني پارٽين حمايت ڪئي، ناصر شاهه چيو ته توهين آميز خاڪن واري معاملي تي ملڪ جي سربراهه جو رويو مذمت جوڳو آهي، جنهن هن معاملي کي بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هن اهڙا غلط فيصلا ڪيا جنهن سان ملڪ ۾ حالتون خراب ٿيون. پابندي مڙهيل لبيڪ پاڪستان جي ايم پي اي مولانا قاسم فخري ڳالهائيندي چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جو اسپيڪر ۽ حڪومت جي بينچن تي به عاشق رسول ويٺل هوندا، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلايون، لاش کڻڻ نه ڏنا، اسان سان جيڪو معاهدو ڪيو ويو هو ان تي به عمل نه ٿيو. جماعت اسلامي جي ايم پي ايم عبدالرشيد ڳالهائيندي چيو ته وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کان فوري طور تي عهدو واپس ورتو وڃي. بعد ۾ اسيمبلي مان اهڙو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان پاس ڪيو ويو.