ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار پاران صوبي جي اسڪولن ۾ فرنيچر نه هئڻ سبب 16 لک شاگردن پاران زمين تي ويهي تعليم پرائڻ جو اعتراف ڪرڻ تي تعليم کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري کي اسڪولن لاءِ فرنيچر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ” اسڪولن ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ ڊيسڪون ناهن“، سنڌ حڪومت جي آفيسرن جي اهڙي اعتراف تي عدالت وٽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ ناهن، اسان وٽ اسڪولن جي نالي ۾ صرف خالي عمارتون آهن، عدالت چيو ته زمين تي ويهي ڪري تعليم حاصل ڪرڻ سان ٻارن جي عزت النفس مجروع ٿيندي آهي. ڪالهه جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ سنگل بينچ صوبي جي اسڪولن ۾ شاگردن کي ڊيسڪن جي فراهمي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اسڪول ايجوڪيشن جي اسپيشل سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي، رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو ويو ته صوبي ۾ 16 لک ٻار اسڪولن ۾ فرنيچر نه هئڻ سبب زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪندا آهن، گذريل 8 سالن کان ٻارن لاءِ هڪ ڊيسڪ به خريد ناهي ڪئي وئي، اسپيشل سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته صوبي ۾ 16 لک ڊيسڪن جي ضرورت آهي، هر سال بجيٽ ۾ 6.6 ارب رپيا مختص ٿيندا آهن، 2019ع کان عدالتي اسٽي سبب ڊيسڪون خريد ناهن ڪيون ، انهي دوران سيڪريٽري پروڪيورمينٽ عدالت کي ٻڌايو ته صوبي ۾ اڪثر اسڪول بنا ڊيسڪن جي هلندڙ آهن، ڊيسڪن جي خريداري لاءِ 42 ارب رپين جي ضرورت آهي. جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته آفيسرن جي انهي اعتراف تي عدالت وٽ لفظ ناهن، اسان وٽ اسڪولن جي نالي ۾ رڳو خالي عمارتون آهن، عدالت سوال اٿاريندي چيو ته ڇا اسان بنيادي ضرورتن کي فراموش (وساري) ڪري بهتر تعليم ڏئي سگهون ٿا؟ ڇا اسان پنهنجن ٻارن کي بنيادي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ناهيون رهيا؟ ڇا اسان مختص بجيٽ کي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ناهيون رهيا؟، ڇا اهڙي صورتحال ۾ اسان 21هين صدي ۾ رهڻ جا دعويدار بڻجي سگهون ٿا؟ عدالت چيو ته رپورٽ ۾ ثابت ٿئي ٿو ته فرنيچر جي عدم دستيابي سبب 16 لک ٻار زمين تي ويهي ڪري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن سان ٻارن جي عزت النفس مجروح ٿيندي آهي، جنهن تي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير کي بجيٽ ۾ اضافي جي درخواست ڪئي آهي، عدالت سنڌ حڪومت کي اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ ڊيسڪون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اسڪولي ڪمرن کي اهڙو بڻايو وڃي جو اهي ڪلاس روم نظر اچن.