ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 16هين کان 18هين گريڊ جي ڪامورن جون ڪرسيون خالي هجڻ ڪري انتظامي بحران ڪر کنيو، سائيٽ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، صحت، ورڪس سميت ٻين کاتن جون انڪوائريون رولڙي جو شڪار ٿي ويون، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ اهم عهدا ڪيترن ئي ڏينهن کان خالي هجڻ ڪري انتظامي بحران پيدا ٿي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊائريڪٽر اسٽبلشمينٽ کانپوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر وارو ٻيو اهم عهدو عبدالقدير انصاري کي ترقي ملڻ بعد خالي پيل آهي، ساڳئي ريت ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد وارو عهدو پڻ امداد شاھ کان واپس وٺڻ بعد خالي پيل آهي. اهڙي طرح ڊائريڪٽر اسٽبلشمينٽ جي پي ايس منظور سيال کي چيئرمين آفيس رپورٽ ڪرائڻ کانپوءِ ان عهدي تي به ڪنهن کي مقرر ناهي ڪيو ويو، ڪراچي جي اولهه ۽ سينٽرل ضلعن ۾ سرڪل آفيسرن جون ڪرسيون به خالي پيل آهن. ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي ڀاءُ ۽ اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سائوٿ ظفر الله ڌاريجو عدالتي حڪم تي هٽجڻ باوجود آفيس ناهي ڇڏي،. ذريعن جو چوڻ آهي ته ظفر الله ڌاريجو عهدي تي مقرر نه هجڻ باوجود “معاملا” سنڀالي رهيو آهي، کاتي ۾ ڪامورن جون اهم ڪرسيون خالي هجڻ جي ڪري سائيٽ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڊي ايم سيز ۽ ڪي ايم سي، ورڪس، صحت سميت ٻين کاتن ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ بيقاعدگين واري معاملن جون هلندڙ انڪوائريون پڻ رولڙي جو شڪار بڻيل آهن. هوڏانهن ذريعن ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي چيئرمين اقبال ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر اسٽبلشمينٽ عثمان غني صديقي وچ ۾ تڪرار هلندڙ آهي، ذريعن موجب کاتي جي 2 اهم عهدن تي ويٺل ڪامورن ۾ اندروني اختلافن ۽ صوبائي وزير جي ڀاءُ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر واري عهدي تان هٽايل ڪاموري ظفرالله ڌاريجو جي کاتي ۾ مداخلت سبب کاتي جا ڪامورا سخت پريشان آهن. ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو ته کاتي ۾ اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان اينٽي ڪرپشن جو قلمدان واپس وٺڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ يا جيلن واري صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي اينٽي ڪرپشن کاتي جون واڳون سونپيون وينديون.