ٽنڊومستي (ن پ ا) ٽنڊومستي ڀرسان قومي شاهراھ تي نامعلوم گاڏي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 45 ورهين جو پوليس اهڪار محمد پريل سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته اي ايس آءِ نذير احمد ناريجو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمي ۽ فوتي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي پوليس اهلڪار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف اکين ڏٺي شاهدن ٻڌايو ته تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو آهي.