لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ۾ لاڙڪاڻي جي اوڏ ۽ جتوئي برادري ۾ تڪرار جو غلام رسول مغيري جي اوطاق تي نبيرو ڪيو ويو، فيصلي ۾ جتوئي برادري مٿان اوڏ برادري جي پورهيت دلبر اوڏ جو قتل ثابت ٿيڻ تي 18 لک رپيا ڏنڊ وڏو ويو، جڏهن ته جتوئي برادري ڏنڊ جي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪندي، فيصلي کي ٻنهي ڌرين طرفان قبوليو ڪيو ويو، جنهن بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.





























