ايندڙ وقت ۾ ڏڪار ايندو

0
120
چڪرا ڳوٺ تي هڪ نظر

 مان ڪو جوتشي ساڌو پنڊت نجومي وغيره ته ڪونهيان جو ماڻهن کي اچڻ واري وقت جي معلومات ڏيان ته سڀاڻي مينهن وسندو يا سج نه نڪرندو، هينئن ٿيندو هونئن ٿيندو وغيره وغيره ڇو ته مان هڪ عام انسان آهيان جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به خوبي ناهي هوندي ۽ جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به خاصيت ناهي هوندي. اهو ماڻهو ڪڏهن به خاص نه ٿيندو آهي ها پر جهڙي موسميات کاتي وارا سائنسي بنيادن تحت موسم آهر طوفان يا برسات جي اڳڪٿي يا پيشنگوئي ڪندا آهن تيئن ئي مان به وقت ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي قلم کي حرڪت ڏئي تجزيا يا تحريرون لکندو آهيان ته جيئن عام ماڻهن تائين معلومات پهچي سگهي ۽ ڪنهن کي ڪنهن تحرير منجهان ڪو فائدو ميسر ٿي سگهي. ها هونئن به هر رائيٽر جڏهن به جيترو به لکندو آهي سو ناماچاري ۽ ملڪ و قوم جي فلاح و بهبود واسطي ئي لکندو آهي پر ڇڏيو ان بحث بازي کي سو اچون ٿا پنهنجي اصل مقصد طرف .

                 تازو جڏهن کجين ۾ لڙڪندڙ ٻهارن ۾ ڏوڪن ڏنگن جي صورت پئي اختيار ڪئي، وونئڻن ۾ لاهيارن ڦٽين جو چونڊو پئي شروع ڪيو، ٻاريون ٺاهي هارين سارين جي ٻيجاري پوکڻ جي تياري پئي ڪئي، ته ان ويل ٽي وي ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا تي موسميات کاتي وارن طرفان جاري ٿيندڙ خبرون به گردش ڪري رهيون هيون ته هن ڀيري سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو نهايت ئي طاقتور سسٽم داخل ٿي رهيو آهي، جنهن سبب تيز هوائن سان گڏ لڳاتار مينهن وسندو ۽ کنوڻيون پڻ ٽڙڪا ڪنديون جنهن ڪري عوام عام و خاص کي هوشيار رهڻ گهرجي ايئن ئي مٿي اڀ تي رنگ به رنگي ڪڪر نظر نهار تائين نظرجڻ لڳا. ڪڏهن هلڪي ڪڏهن تيز برسات وسڻ لڳي اهڙي ريت جتان ڪٿان برسات جي وسڻ جو خبرون نقصان سميت اچڻ لڳيون ڪٿي ڪنهن جو گهر ٿي ڪريو ڪٿي ڪنهن جو کنوڻ سبب مال ٿي مئو مطلب ته هر طرف آهون ۽ دانهون ڪوڪون ۽ واڪا هئا .

انهن تيز ۽ مسلسل برساتين جي ڪري کجين وارن کي لکن ڪروڙن جو نقصان ٿيو زمين ۾ بيٺل تيار فصل تباهه ٿي ويا هر پاسي سيرابيت جي بدلي سيلابيت ڏسڻ ۾ آئي سڪل سنڌوءَ جو پيٽ وري پري کان وهي ايندڙ پاڻي جي ڪري ٻوڏ واري صورت اختيار ڪري ويو. سارين جو رونبو لڙهي ويو، ڪٿي ڪٿي وڏن ۽ تيز وهڪرن ۾ مينهون، ڳئون، رڍون، ٻڪريون لڙهي ويون. ايترو ئي نه پر انهن تيز برساتي ۽ خاص ڪري جبلن تان لهندڙ وهڪرن ۽ نئين ۾ ڪيترائي انسان لڙهي پيارن کان جدا ٿي ويا ڳڻپ کان مٿي ڳوٺ ۽ شهر ڀسم ٿي ويا ته وري ڪٿي وقت جي حاڪمن ۽ وس وارن عالمي امداد جي لالچ تي وڏيون تباهيون ڪرايون جن جو ازالو ڪرڻ به ناممڪن آهن .

مٿي پيش ڪيل مختصر لکت تحت هر طرف مهانگائي جو طوفان پڻ بي پهچن کي بنا ڪفن جي دفن ڪرڻ لڳو ماڻهو جيڪي اڳ ئي ئي حالتن تحت متاثر ٿيا هئا، سي وري مهانگائي ٿيڻ جي ڪري ويلا ٽارڻ ۽ فاقاڪشي تائين پهچي ويا انهن ۽ اهڙين حالتن منجھه عام عوام لاءِ محفوظ هنڌن تائين لڏ پلاڻ ڪرڻ به مسئلو ٿي ويو، ڇو ته گاڏين وارا ڪرايا ڊبل ڪري مجبوري جو فائدو وٺڻ شروع ڪيو، ايترو ئي نه پر لڳاتار برساتن جي ڪري مختلف وبائي بيماريون پڻ پکڙجڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن لاءِ هن وقت سرڪاري اسپتالن تائين پهچڻ به پلصراط پار ڪرڻ برابر آهي. ٻيو ته وري سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي اڻهوند لاپرواهي ۽ بداخلاقي سان گڏ دوائن جي به کوٽ رهي ٿي جيڪو به هڪ اذيت ڏيندڙ الميو ۽ راتاهو آهي .

اسان وٽ سرڪاري سطح تي ۽ خاص ڪري چيڪ اينڊ بيلنس نه هجڻ سبب واپاري واڳن وانگر عوام کي ڳيت ڏئي ڳڙڪائي رهيا آهن ڪنهن به ڪير پڇڻ وارو ناهي پر جي ڪو پڇي ٿو ته اهو وري ٻيهر لڀي ئي نٿو. جيئن ته اسان جي سنڌ هڪ زرعي ملڪ آهي جتي هر قسم جو فصل ۽ وکر ٿئي ٿو پر اهو به هتان جي عوام کي تمام مهانگي اگھه تي ملي ٿو. ڇو ته سرڪار جي عدم دلچسپي سبب دوائون ڀاڻ ۽ شهر تائين رسائي نهايت ئي مهانگي آهي جنهن جو سڌو سنئون اثر عام خريدار تي پوي ٿو .

سنڌ ۾ تازين برساتين ۽ هٿرادو پيدا ڪيل تباهڪارين جي ڪري جتي شهرن کي نقصان ٿيو آهي، اتي ئي ٻهراڙين کي پڻ ڪافي نقصان ٿيو آهي، پر وڏو نقصان اهو ٿيو آهي ته ٻهراڙين منجهان وڏي انگ ۾ شهرن طرف لڏ پلاڻ ٿي آهي، جنهن جو به زراعت تي برو اثر پيو آهي. هر طرف سيلاب جي ڪري زمينون هن وقت ڪنهن به اپت ۽ فصل پيدا ڪرڻ واري سگھه کان محروم آهن پر جيئن ته هن وقت سارين جو فصل تباهه ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن اهو پاڻي وقت سر نيڪال نه ٿيو ۽ زمينون هر ڪاهڻ جي قابل نه ٿيون ته پوءِ ايندڙ ڪڻڪ جو فصل به ڪافي حد تائين متاثر ٿيندو، جنهن ڪري ملڪ ۾ کاڌي جي شين جي اڻاٺ پيدا ٿيندي ۽ اپت گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ تحت حالتون ڏڪار طرف وينديون جنهن جو به خاص اثر عام غريب هاري ۽ مزدور طبقي تي پوندو، جيڪو سدائين خوشحال ڏينهن ۾ به ڏکي زندگي گهاريندو آهي، ڇو ته جيڪو هاري جيڪو فصل بازار ۾ 10 روپين جي حساب سان وڪرو ڪندو آهي ته وري جڏهن هو ساڳي شي خود خريد ڪندو آهي ته کيس اها شي ٽيڻ چئوڻ تي مهانگي ملندي آهي. جيڪو به هاري سان ئي رهزنن طرفان راتاهو آهي .

هنن تازين قدرتي لڳاتار برساتن ۽ هٿرادو مسلسل ٻوڏڪارين جي ڪري سنڌ جي هر ڳوٺ، شهر، وستي واهڻ ۾ نقصان ٿيو آهي انهي جو ڪاٿو ڪرڻ ۽ ازالو ڪرڻ اول ته ناممڪن آهي پر جي ممڪن به ٿيو ته ان کي سنوت ۽ سڌار ۾ آڻڻ خاطر ڪيترائي سال لڳندا، ٻيو ته سنڌ جيڪا سدائين پاڇاٽي هوندي آهي سا ويتر ئي مئن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهي آهي. مٿان وري آءِ ايم ايف IMF جون رپورٽون آهن ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي ۽ حالتون نهايت ئي خراب ٿينديون سو جيڪڏهن ملڪ ۾ اهو عمل جاري رهيو ته پوءِ واقعي به ايندڙ وقت ۾ ڏڪار ايندو ۽ جنهن جو سڌو سنئون ۽ نهايت ئي برو اثر سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ سنڌي عوام تي پوندو .