صحت بخش ۽ نقصانڪار کاڌن بابت تحقيق

0
166
انجيڪشن جو خوف، علامتون ۽ علاج

   ڇا کائڻ انسانن لاءِ صحت بخش آهي ۽ ڇا نه، انهي تي هڪ ٻئي ڏينهن تي تحقيق  ۽ بحث ٿيندا رهن ٿا. ڪڏهن خبر ايندي آهي ته ڳاڙھو گوشت صحت لاءِ سٺو آهي ته ڪڏهن وري اطلاع ڏنو ويندو آهي ته انهي سان فالج جوخطرو آهي. ماڻھو اهڙيون ڳالھيون پڙھي منجھي پوندا آهن. تازو هڪ مفصل تحقيقي جائزو شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ جديد تحقيق جي نتيجن ۽ ثبوتن جي بنياد تي نه رڳو صحت لاءِ بهترين شين جو جائزو ورتو ويو آهي پر انهن جي اسٽار ريٽنگ پڻ ڪئي وئي آهي. آمريڪا جو انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ ايويوليشن (IHME) هاڻي صحت جي ڊيٽا لاءِ عالمي حوالي بڻجي چڪو آهي. هن وقت تائين 180 شعبن ۾ ڪيل تحقيق جو تجزيو ڪري اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڪهڙي قسم جي بيماري جو تعلق ڪنهن خاص خطري واري عنصر سان آهي. مثال طور تماڪ ڇڪڻ جا صحت تي ڪهڙا اثر آهن ۽ اهو ڦڦڙن جي ڪينسر سان ڪهڙي ريت واسطو رکي ٿو. تماڪ ڇڪڻ ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر جي وچ ۾ تعلق کي سڀ کان وڌيڪ يعني پنج اسٽار ريٽنگ ڏني وئي آهي. اهڙي طرح، هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي بيمارين جي وچ ۾ تعلق پڻ ساڳئي درجه بندي حاصل ڪئي آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته ثبوت مضبوط آهن ۽ مستقبل ۾ انهن جي تبديل ٿيڻ جا امڪان نه جهڙا آهن. تڏهن به اٽڪل 66 في سيڪڙو خطري وارن فيڪٽرن يا بيمارين کي انهن جي تعلق جي حوالي سان صرف هڪ يا ٻه تارا ڏنا ويندا آهن. انهي جو مطلب اهو آهي ته هن عقيدي جي پويان ثبوت جن تي يقين ڪيو پي ويو، حقيقت ۾ وڌيڪ ڪمزور آهن. مثال طور، انهن ماڻهن ۾ فالج جو خطرو آهي جيڪي غير پروسيس ٿيل ڳاڙهي گوشت (ڳائو يا ٻاڪرو گوشت) کائيندا هئا. انهي کي صرف هڪ اسٽار ڏنو ويو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته انهن ٻنهي جي وچ ۾ تعلق جو ڪو جوڳو ثبوت نه آهي. ڳاڙهي گوشت ۽ وڏي آنڊي جي ڪينسر، دل جي بيمارين سبب مڪاني اينيميا ۽ ذيابيطس کي ٻه اسٽار ڏنا ويا آهن.

ڪرسٽوفر مري، آءِ ايچ ايم اِي جي ڊائريڪٽر ۽ جرنل نيچر ميڊيسن ۾ ”برڊن آف ايويڊينس“ جي عنوان سان ڪيترن ئي تحقيقي رپورٽن جو ليکڪ، چوي ٿو ته هو ”ڪيترن ئي کاڌن ۽ انهن جي خطرن جي وچ ۾ تعلق ڳولڻ تي حيران ٿي ويو آهي.“ مقابلي جي لحاظ کان انهن جي وچ ۾ تعلق ڪافي ڪمزور آهي. مري هڪ پريس ڪانفرنس کي ٻڌايو ته تجزيا ڳڻتي سبب ڪيا ويا آهن ڇاڪاڻ ته، ”هر ڪو تازين تحقيقاتي رپورٽن جي پوئواري ڪري ٿو، ”جڏهن ته نتيجا، ”اڪثر ڪري، هڪ تحقيق کان ٻي تحقيق تائين مختلف ايندا آهن.“ مري جو چوڻ آهي ته محققن ان موضوع تي موجوده سموري تحقيق کي ڏٺو ۽ ڊيٽا ذريعي انهن جي تسلسل کي جانچيو، پوءِ انهي تي خاص طور غور ڪيو ته ”هن ثبوت جي محدود ترين وضاحت ڇا آهي؟“

محققن تحقيق ڪئي آهي ته صحت تي وڌيڪ ڀاڄيون کائڻ جا اثر ڪهڙا پوندا آهن. ان لاءِ 50 تحقيقون ڪيون ويون آهن. اهڙي ريسرچ 34 ملڪن جي 46 لک ماڻهن تي ڪئي وئي. کاڌي ۾ ڀاڄين جو مقدارروزانو 0 کان 4 تائين وڌائڻ سان جسم جي مخصوص حصن ۾ رت جي کوٽ سبب فالج جو خطرو 23 سيڪڙو گهٽجي ٿو. ان تجزيي کان پوءِ ان جي تعلق کي ٽي تارا ڏنا ويا. اهڙي طرح، ڀاڄيون کائڻ ۽ ٽائپ 2 ذيابيطس جي وچ ۾ تعلق کي صرف هڪ اسٽار ڏنو ويو. تحقيقي رپورٽ جي گڏيل ليکڪ جيوفري اسٽينوي جو چوڻ آهي ته ”تمام محدود ترين تشريح جي بنياد تي، ڀاڄين جو استعمال ڊگهي مدي وارين بيمارين ۾ گهٽتائي سان واضح طور سان جڙيل آهي.“

هن تحقيق کان الڳ رهندڙ ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته اها تحقيق ڏاڍي دلچسپ آهي پر ان کي گھڻو سولو ڪري نه ورتو وڃي. برطانيه جي اوپن يونيورسٽي ۾ شمارياتدان ڪيون ميڪ ڪونوي، ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته جڏهن اسٽار جي درجه بندي پيچيده تحقيق سان گڏ ڏني ويندي آهي، ان جو وڏو حصو ظاهري طور تي ضايع پڻ ٿي ويندو آهي.“ برطانيه جي ايسٽن يونيورسٽي جي غذائي ماهر ڊيوان ميلر جو چوڻ آهي ته ڳاڙهي گوشت تي تحقيق حيرت انگيز ناهي ڇو ته ان ۾ ان پروسيسنگ گوشت جي پيداوار تي ڌيان ڏنو ويو آهي. “پراسيس ٿيل ڳاڙهو گوشت غذا ۾ شامل آهي، جهڙوڪ بيڪن ۽ ساسيج، بيماري جي وڌندڙ خطري سان لاڳاپيل آهي جيڪي انهن دستاويزن ۾ رپورٽ نه ڪيا ويا آهن.“

آءِ ايچ ايم اي چوي ٿو ته نئين تحقيق سان گڏ ان جي نتيجن کي اپڊيٽ ڪرڻ جو منصوبو آهي. کيس اميد آهي ته نئون طريقو عوام ۽ پاليسي ٺاهيندڙن کي رستو ڏيکاريندو. جلد ئي ادارو صحت بابت ٻين ڪيترين ئي شين جي لاڳاپن تي پنهنجي تحقيق جاري ڪندو، جنهن ۾ شراب، هوا جي آلودگي ۽ ٻين شين بابت معلومات شامل آهي.