امراڻو ۽ راڻا چندر سنگهه جون ساروڻيون

0
229
امراڻو ۽ راڻا چندر سنگهه جون ساروڻيون

سنڌ جي تاريخ ۾ امراڻي (عمرڪوٽ) جو پنھنجو ھڪ اتھاسڪ پس منظر رھيو آھي. امراڻو جتي علم ادب آرٽ فن جو مرڪز رھيو آھي، اتي ھي خطو  مختلف وقتن تي راڻن سوڍن جي بادشاھت شاندار روايتن ۽ سياست جي حوالي سان پنھنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ اھميت وارو خطو رھيو آھي. ھن خطي جي پيرائتي تاريخ جو احوال ڀيرومل مھرچند آڏواڻي جي ڪتاب “سوڍن جي صاحبي ۽ راڻن جو راڄ” ۽ تيج سنگههه سولنڪي جي ڪتاب “امرڪوٽ اتھاس” مان ملي ٿو.  انھن ڪتابن ۾ سوڍن راجپوتن  جي بادشاھت ۽ حڪمراني جو تفصيلي تذڪرو ٿيل آھي. امراڻي جي تاريخ ۾ جڏھن راڻن جي صاحبي جو ذڪر ڪبو ته تڏھن راڻا چندر سنگههه جي شخصيت جو پھلو اسان کي نمايان نظر ايندو. ھي 1990ع ۾ انھن ڏينھن جي ڳالههه آھي جڏھن مون مٺي ۾ ھڪ سياسي جلسي ۾ھن کي ڍاٽڪي ٻولي ۾ تقريرڪندي ٻڌو ھو ھن جي تقرير ۾ ايڏو سحر ھو جو جلسي ۾ ويٺل ماڻھو ھن کي خاموشي سان ٻڌندا رھيا. انھي جلسي ۾ ھزارين ماڻھو گڏ ٿيل ھئا. انھي دور ۾ اقليتن جا ڌار چونڊ نظام تحت ووٽ ٿيندا ھئا ۽ راڻا چندر سنگههه پنھنجي سياسي ڏاھپ ۽ اثر رسوخ سبب مختلف وقتن تي اسيمبلين ۾ پھتو  اھڙي ريت  انھي دور ۾ امراڻو  سياست جو  اھم مرڪز ھوندو ھو  ۽ راڻا چندر سنگهه اقليتن جي ڌار چونڊ نظام تحت چار ڀيرا ايم اين اي طور ڪامياب ٿيو ھو. جڏھن ھو پٽڪو پائي راجپوتن جي روايتي لباس ۾ اسيمبلي ۾ پھچندو ھو تڏھن  ھن جي شخصيت سڀني جي نظرن جو مرڪز  بڻيل ھوندي ھئي . اسيمبلي جي فلور تي اھو شخص زوردار ۽ گجگوڙ آواز سان ڳالههائيندو ھو. ھن جي رعبدار منفرد شخصيت ۽ نرالي طبيعت سبب اڪثر اسيمبلي ميمبر ھن جو تمام گھڻو احترام ڪندا ھئا. ھن شخص جي سياسي ڏاھپ جو ڪو مٽ ڪونه ھو. ھن پنھنجي سياسي دور ۾ جتي اقليتن جي سياست ڪئي ته  اتي ھن سنڌ ۾ رھندڙ اقليتي برادري جي مسئلن جي پڻ ڳالهه ڪئي ۽ ھو پنھنجي سياسي سفر ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي سياست جو بادشاھ رھيو. ھن جو تعلق ته امراڻي سان ھو پر ھن جو سياسي غلبو سموري سنڌ ۾ ڇانيل رھيو. جيتوڻيڪ ٿر ۽ عمرڪوٽ واري علائقي ۾ اهڙا کوڙ سياسي ڪرداررھيا آھن، جن جو ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.

ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ ارباب ۽ راڻا ٻه اهڙا خاندان آهن، جن جو انگريزن جي دور کان وٺي ٿر جي سياست تي غلبو رهيو آهي. ان کان  پوءِ بلالاڻي خاندان، لاٽ ڀائر ۽ ملاڻي خاندان سياست ۾ اڳتي آيا. عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر واري علائقي ۾ پنهنجي منفرد سياسي سڃاڻپ رکندڙ ”راڻا خاندان“ جو سياسي سفر راڻا ارجن سنگهه کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو 1936ع ڌاري ٿر واري تڪ تان چونڊ وڙهيو هو. 1946ع ۾ راڻا ارجن سنگهه جي وفات کانپوءِ سندس پٽ راڻا چندر سنگهه کي 16 سالن جي عمر ۾ سوڍن جي 25هين راڻي جو لقب ڏئي گادي تي ويهاريو ھو. راڻا چندر سنگهه پنهنجي سياسي ڏاهپ ذريعي ٿر ۽ عمرڪوٽ جي سياست ۾ سياسي تبدليون آنديون.

1930ع ۾ عمرڪوٽ لڳ راڻا جاگير ۾ جنم وٺندڙ راڻا چندر سنگهه جا ملڪي سياست ۾ اهم تجربا رهيا آهن. هو پنهنجي سياسي ڏاهپ ذريعي سنڌ جو هڪ اهڙو کاهوڙي ڪردار هو، جنهن کي سنڌ “ڪلاسيڪل سياستدان” جي نالي سان ياد ڪري ٿي. راڻا چندر سنگهه اقليتن ۾ واحد سياستدان هو، جنهن جو سڄي سنڌ ۾ سياسي اثر رسوخ ھوندو هو. 1997ع ۾ هو نواز حڪومت ۾ نارڪو ٽئڪس جو وفاقي وزير پڻ بڻيو. 1953ع ۾ پنهنجو سياسي سفر شروع ڪندڙ راڻا چندر سنگهه 1970ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو هو. پ پ جي قيام واري دور ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ مان ڀٽي صاحب سان  ملاقاتون ڪرڻ وارين  شخصيتن ۾ ھڪڙو نالو راڻا چندر سنگهه جو به ھو. جڏهن ته انھي دور جي سياسي سفر ۾ ڀُٽي صاحب کانسواءِ پير صاحب پاڳارو، غلام مصطفيٰ جتوئي، پير غلام رسول شاهه جيلاني، پي ڪي شاهاڻي ۽ ٻين سياستدانن سان تمام گھڻي ويجھڙائپ ۽سٺي دوستي هوندي هئس. اقليتن ۾ راڻا چندر سنگهه ملڪ جو واحد سياستدان هو، جيڪو سياسي حلقي ۾ هڪ سگهارو سياستدان نظر ايندو هو. هن جي شخصيت ۽ جرئتمندي  پنهنجو مَٽُ پاڻ هئي. اسيمبلين جي پليٽ فارم تان هو هميشه اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو. هُن اسيمبلين ۾ مختلف وقتن تي اقليتن کي حق ڏيارڻ لاءِ آواز پڻ  اٿاريو هو. سندس مؤقف هميشه اهو هوندو هو ته اقليتي هن ملڪ جا ڌرتي ڌڻي آهن، کين برابري جي بنياد تي حق ملڻ گهرجن. هو سنڌ ۾ راڄ ۽ ڀاڳ واري سياست ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هو، پنهنجي راڄ ۽ ڀاڳ ۾ سندس ڪيل فيصلا اٽل ۽ مضبوط هوندا هئا. هن پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ سياڻپ ذريعي راڄ جي ماڻهن جا فيصلا ڪيا، جيڪي اڄ به مثال آهن. ھن جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو  اڄ به ٿر ۾ اثر آھي.

راڻا چندر سنگهه پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ سياسي بصيرت ذريعي ٿر جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرويز مشرف واري دور ۾ جڏھن سياسي وايو منڊل بدليل ھو تڏھن 2000ع ۾ مڪاني چونڊن ۾راڻا چندر سنگهه ارباب عطاءُ الله جي حمايت ڪئي ته هو ٿرپارڪر ضلعي  جو ناظم بڻجي ويو ۽ سندس مقابلي ۾ بيٺل حاجي غلام محمد لاٽ هارائي ويو. راڻا چندر سنگهه اقليتي برادري (خاص ڪري هندن لاءِ) هڪ سهارو ۽ ڀرجهلو هو. سندس زندگي جي سياسي سفر ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو جو هن 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين دوران سنڌي هندن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌ جي هر واهڻ وستي ۾ وڃي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين (هندن) کي اهو پيغام ڏنو ته سنڌ ڌرتي اسان لاءِ ماءُ جي هنج جيان آهي، جيڪا توهان هرگز نه ڇڏيو. سنڌ ڌرتي اسان لاءِ امن ۽ آتشي جي نگري آهي، انهي۽ نگري کي توهان نه ڇڏي وڃو. راڻا چندر سنگهه سياسي جلسن ۾ پنهنجي منفرد انداز سان ڍاٽڪي ۾ تقريرون ڪندو هو. سندس ڍاٽڪي ٻولي ۾ ڪيل تقريرون ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائينديون هيون. اھي تقريرون ماڻھن جي ذھنن تي اڄ به نقش ٿيل آھن. ھن جا روايتي جملا اڄ به ماڻھن کي ياد آھن. اھڙي ريت 1988ع جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظر ڀٽو عمرڪوٽ ۾ آئي هئي ته هن ڍاٽڪي ٻولي جي روايتي انداز ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته ”بينظير ڀٽو مانجي ڏِڪري آهي، اوهين سڀ مانجي ڏِڪري نا ووٽ ڏيا“ يعني ”بينظير ڀٽو منهنجي ڌيءُ آهي، اوهين سڀ بينظير ڀٽو کي ووٽ ڏجو.“ ان کان پوءِ پرويز مشرف واري دور ۾  جڏھن “ارباب خاندان”پرويز مشرف سان گڏ ھو تڏھن  انھي وقت ۾راڻاچندر سنگهه ۽ ارباب امير حسن گڏجي ارباب خاندان جي اميدوارن ۽ راجوير سنگهه جي چونڊ مھم ھلائي ھئي ۽ انھي مھل راجوير سنگهه اقليتن جي  گڏيل چونڊ نظام تحت اقليتي ايم پي اي چونڊيو ويو  ھو. سنڌ جو ھي ڪلاسيڪل سياستدان 2009ع ۾ ديھانت ڪري ويو . 2 آگسٽ 2009ع تي جڏهن راڻا چندر سنگهه ديهانت ڪري ويو ته سندس ارٿي کي وئنڪوٺي جي رسم ذريعي وڏي اعزاز سان اگني سنسڪار ڪيو ويو هو. راڻا جاگير کان عمرڪوٽ تائين جڏهن هن جي وئنڪوٺي ڪڍي وئي ته  ان ۾ ھزارين ماڻھو شريڪ  ٿيا ھئا ۽ هر اک آلي هئي. سنڌ جي  ھزارين ماڻھن عمرڪوٽ وڃي وئنڪوٺي ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي سياسي اڳواڻ تي گل نڇاور ڪري شرڌانجلي پيش ڪئي. وئنڪوٺي ذريعي آخري رسمن جو اعزاز ڪنهن بادشاهه کي ئي ملندو آهي ۽ راڻا چندر سنگهه عمرڪوٽ ۽ ٿر جي سياست جو “بي تاج بادشاهه “هو جو کيس مرڻ بعد اهو اعزاز ڏنو ويو. اڄ جيتوڻيڪ سياسي وايو منڊل بدلجي ويو آھي پر راڻا چندر سنگهه جون يادگيريون  وسرڻ جھڙيون ناھن. انھي شخص جي سياست ۽ گھڻ رخي شخصيت جون ڳالهيون اڪثر عام ماڻھن جي وچ ۾ٿينديون رھنديون آھن.