ماءُ جي سڙيل لاش جي سيني سان لڳل ٻار ….

0
199
ڳالھه ڪيان ڪيهي! .. مهراڻ ۾ موٽي اچي ملجان..

 هي ٽائٽينڪ جو ٻڏندڙ جهاز ڪونه هو جنهن جي ڪپتان آخري مسافر کي بچائڻ کان اڳ پاڻ جهاز مان نڪرڻ نٿي چاهيو، هي ته نوري آباد جي پالاري پمپ تي نامعموم سبب جي ڪري باھ ۾ وڪوڙيل اها بدنصيب بس هئي جنهن ۾ آڳ جو پهريون شعلو ڀڙڪڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين بس جو ڊرائيور ڀڳو جنهن جي پويان وري بس جي ڪنڊيڪٽر به ڀڄي جان بچائي. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ڀڄي وڃڻ ڪري بس ۾ لڳل باھ جو پتو پوليس کي تمام گهڻين تفتيشن کان پوءِ به پئجي نه سگهندو!

                 هي لفظ لکڻ وقت پاڻ کي انتهائي هيچ ۽ شرمسار محسوس ڪري رهيو آهيان پر جيئن ته گذريل ٻن مهينن کان وٺي مان ذاتي طور ٻوڏ متاثر ماڻهن جي رليف ڪئمپن ۾ ترسيل ماڻهن جي مدد ۾ عملي طور ڪم ڪري رهيو آهيان ان ڪري اکين ڏٺل انيڪ واقعن، مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي اندازو لڳائي رهيو آهيان ته جنهن مهل نوري آباد جي نوري ريسٽورنٽ وٽ نامعلوم سبب جي ڪري خيرپورناٿن شاهه واپس ويندڙ ٻوڏ متاثرن جي بس باھ ۾ وڪوڙجي وئي هئي تڏهن  فطري طور تي سڀ مسافر پنهنجي جان بچائڻ ۾ لڳي ويا هوندا پر پنهنجي جان بچائڻ جي جتن ۾ هو معصوم ٻارن کي سيٽن تي ڇڏي ويا جيڪي هڪ ڪلاڪ کن باھ جي شعلن ۾ سڙي ڪوئلو ٿي ويا. افراتفري واري ان عالم ۾ فقط هڪ ماءُ پنهنجي معصوم ٻار کي کي ڇڏي ڀڄي نه سگهي. ان ماءُ جي سڃاڻپ ڪجھه ان طرح ٿي ته بس مان مليل ارڙهن لاشن منجهان  هڪ لاش اهڙو به هو جنهن جي سيني سان هڪ ٻار جو لاش به چنبڙيل هو.

هونئن ته نوري آباد ۾ ٿيل حادثو اسان جي سماجي روين، اخلاقي قدرن، انساني احساسن توڙي انتظامي اهليت کي کولي کولي سمجهائي ٿو پر جيئن ته هر ڪوئي ڄاڻي ٿو ته  حيران ٿيڻ لاءِ هي حادثو ڪو  پهريون حادثو ناهي ۽ نه ئي هي حادثو ڪو آخري حادثو آهي. اهو ٺيڪ آهي ته ماڻهو جڏهن موت کي سامهون ڏسندو آهي ته سڀ حواس وڃائي ويهندو آهي پر ٻوڏ متاثرن کي ٻن مهينن تائين رليف ڪئمپن ۾ ٿيل تجربا زندگي جا نوان سبق سيکاري ويا آهن. اسان جي بي حس انتظامي سسٽم مسڪين ماڻهن جي لاشعوري طور جيڪا تربيت ڪئي آهي ان تربيت جا نتيجا اڃا ته وقت اچڻ تي اچڻا آهن.

 ڀت جي ٿيلهي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ بيهاري وري کين هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ کان وٺي جيئرن جاڳندن انسان سان جهنگ جي جانورن جهڙو ورتاءُ ڪرڻ سبب ٻوڏ متاثرن جي جيڪا شعوري ۽ لاشعوري طور تربيت ٿي آهي تنهن جي نتيجي طور ئي شايد جڏهن بس ۾ باھ لڳي ته انهن پنهنجن معصوم ٻارن کي بچائڻ بدران پنهنجو سر بچائڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. پر مري ويل معصوم ٻارن جي مائٽن کي اها ميار ڏئي انهن منظرن کي اکين کان ڪيئن اوجهل ڪري سگهجي ٿو جيڪي انتظامي بي حسي سبب نوري آباد جي اسٽاپ تي رات جو اٺين وڳي کان وٺي هڪ وڳي تائين هلندا رهيا.

هي حادثو چيف منسٽر جي اوچتي آيل ڪال جهڙو امپارٽنٽ ڪونه هو ان ڪري سيوهڻ ۾ ويٺل ڄامشوري جو نئون ڊي سي آصف جميل پنجن ڪلاڪن تائين به ٻن ڪلاڪن وارو پنڌ ڪري پهچي نه سگهيو.  هن حادثي واري هنڌ پهچي نه سگهڻ سبب آءِ جي سنڌ پاران ڪوبه شوڪاز نوٽيس به نڪرڻو نه هو ان ڪري ضلعي جي پوليس سربراھ جو نمبر پنج ئي ڪلاڪ بند رهيو يا وري ان تي رڳو رنگس وڄنديون رهيون. جنهن جاءِ تي بس جي درين جا شيشا ڀڃي مسافر روڊ تي اچي ڪريا هئا اها جاءِ نوري آباد جي ان وڏي اسپتال جي ايتري مفاصلي تي هئي جو زخمن ۾ تڙپندڙ مسافر پاڻ به رڙهي سڙهي اسپتال ۾ پهچي وڃن ها، پر 30 بيڊس تي مشتمل اها وڏي اسپتال گذريل ڏھ سالن کان فقط ان ڪري اڃا تائين فعال ٿي نه سگهي آهي جو اتي اڃا سوڌو ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر ٿي نه ڪيو ويو آهي. صحافي هوندي به مون کي اها خبر ناهي ته ان اسپتال لاءِ ضلعي جو صحت کاتو رڪارڊ ۾ ڪيترو خرچ ڏيکاري ٿو، پر هر روز حادثن کي اکين آڏو ڏسڻ باوجود ڪنهن به ڪاموري کي يا وڏ وزارت تي ويٺل سيد سڳوري کي اهو ڪهڪاءُ نٿو اچي ته هو انتظامي لٺ کڻي کنڊر بڻيل نئين عمارت جي ڇنڊ ڦوڪ ڪرائي ان کي گهٽ ۾ گهٽ ان قابل بڻائي ته ڪو مسافر راھ ويندي آخري ساھ کڻي رهيو هجي ته روڊ جي ڀرسان پيل پٿرن تان کڻي کيس اسپتال آڻجي.

ڪراچي کان حيدرآباد تائين ٺهيل اڳوڻي سپر هاءِ کي مرمت ڪري موٽروي جو نالو ڏئي اين ايچ اي هر رزو ٽول ٽيڪس مان ڪيترو ناڻو ڪمائي ٿي ان جو اندازو فقط ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن روڊ تان هر روز هڪ اندازي موجب هڪ لک گاڏيون سموري پاڪستان لاءِ ٻنهي پاسن کان مٽين ٿيون ۽ هر گاڏي تي ٽيڪس گهٽ ۾ گهٽ 300 کان وٺي 3 هزار رپين تائين آهي، ان حسان سان ماهوار ۽ سالانه رقم گهڻي ٿئي ٿي سو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اسان کي سپر ڪيلڪيوليٽرس جي ضرورت پوندي. اهو ئي نه پر ٻن قطارن جيتري وٿي ۾ ٽن قطارن جا سوڙها ٽريڪ ٺاهي موٽر وي جو نالو ڏيڻ کان پوءِ به روڊ جي جيڪا حالت آهي سا تصويرن ۽ وڊيوز ۾ به سمجھه ۾ اچي سگهي ٿي پر ان جي حقيقي تصوير ڏسڻ لاءِ هڪ ڀيرو موٽروي جو سفر ڪرڻ لازمي آهي. موٽري وي جي ٻنهي طرفن کان اصولي طور هنن کي سڀ کان پهرين لوڪل آبادين لاءِ سروس روڊ ٺاهڻو هو پر جيڪڏهن سروس روڊ ٺهي ٿو ته پوءِ ڪجھه سئو گاڏيون اتان مٽينديون ۽ هنن کي اهو خسارو ڪيئن قبول ٿي سگهي ٿو، ان ڪري اڃا سوڌو سروس روڊ ٺاهيو ته ناهي ويو البته روڊ جي ٻنهي پاسن کان لڳل تارن کي هٿ لائيندڙ ڳوٺاڻن مٿان به اڪثر موچڙن جي وارو وار هوندي آهي. جن ماڻهن جون موٽروي ڀرسان صدين کان زمينون هيون تن جون زمينون اوچتو ئي اوچتو موٽروي جي حدن ۾ اچي ويون. هوٽلن وارا مالڪ رات وچ ۾ هنن جا مسواڙي بڻجي ويا، ڏينهن رات پئسا ميڙڻ ۾ مشغول موٽري وي انتظاميا، اين ايچ اي توڙي ٻين ادارن موٽ ۾ ماڻهن جي سهولت لاءِ ڇا ڏنو آهي؟

اهو ئي نه پر ججن ۽ چونڊيل نمائندن جا چالان ڪاٽي مشهوري ماڻيندڙ موٽروي پوليس هن وقت ڪهڙن ڪمن جي پٺيان آهي سا ڪنهن کي خبر ناهي؟ نوري آباد لڳ ڪجھه وقت اڳ به هڪ وين کي باھ لڳي هئي جنهن ۾ سمورا مسافر سڙي مري ويا هئا ان وقت جو ڊي سي تمام گهڻين تنقيدن باوجود بروقت واقعي واري هنڌ پهتو هو پر جنهن وقت نوري آباد وٽ سڙيل بس مان آخري مسافر جي لاش کي ڪڍيو پئي ويو ته ان وقت به موجوده ڊي سي سيوهڻ ۾ سڪون سان سگريٽن جا ڪش هڻي رهيو هو!  ڊي سي سميت سمورن آفيسرن وٽ هتان هتان جون ٻڌل ڳالهيون هيون جن جي آڌار تي هو ميڊيا کي متضاد ڳالهيون ٻڌائي رهيا هئا جڏهن ته پنجن ڪلاڪن تائين کين ڪابه خبر نه هئي ته بس ۾ ڪيترا ماڻهو مري ويا آهن. حالت اها هئي ته رات جو هڪ وڳي سمورن لاشن کي جڏهن ڪراچي نيو پئي ويو ته ان وقت به ڊي ايچ او چئي رهيو هو ته لاش حيدرآباد نيا پيا وڃن.

نوري آباد ۾ سڙي ويل بس جي مسافرن جي درد ڪٿا اخبار جي هنن ڪجھه پنن تي بيان ڪري نٿي سگهجي. جڏهن هنن جي اباڻي ڳوٺ ۾ ٻوڏ آئي ته هي لوھ جي ڪجھه ٽڻنگن ۾ ضرورت جو سامان کڻي سر بچائي نڪتا هئا، افراتفري واري ان عالم ۾ ڪراچي جو ڪرايو ڀرڻ لاءِ کين اڌ ملھه ۾ پنهنجو مال متاع وڪڻڻو پيو هو، پوءِ هو ٻن مهينن تائين ڪراچي ۾ ماني ڳڀي لاءِ سموريون اذيتون سهندا ۽ جيئڻ جا جتن ڪندا رهيا، جنهن مهل هو پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽي رهيا هئا تڏهن هڪ دفعو ٻيهر هو پنهنجي لوھي پيتين کي ڪپڙن سان ڀري بس ۾ چڙهي پيا، ڪراچي کان نوري آباد تائين سندن دل ۽ دماغ ۾  ڳوٺ جي ٻنين کي ٻيهر آباد ڪرڻ ۽ ٻڏي ويل گهرن کي وري ٺاهڻ جا خيال ۽ خواب هئا، واپسي واري سفر جي انهن گهڙين جي خوشي ۽ اڪير جو اندازو فقط اهي ماڻهو لڳائي سگهن ٿا جيڪي پرديس ۾ رهندا آهن.

پر نوري آباد جي پالاري پمپ وٽ پهچڻ وقت ڪي اين شاھ جي ڳوٺ  نورمحمد مغيري جي مغيرين جا سمورا خواب  لوھ جي پيتين ۾ پيل ڪپڙن وانگر سڙي ويا ۽ پنجن ڪلاڪن تائين نوري آباد پوليس فقط لاش ڳڻيندي رهي، لاش ڳڻڻ ۾ ان ڪري ڏکيائي اچي رهي هئي جو پورو ڪلاڪ باھ ۾ سڙڻ سبب سمورا لاش هڪ ٻئي سان چنبڙي ۽ ڳري ويا هئا، گهڻي دير کان پوءِ سترهن لاشن جي تصديق ڪئي وئي پر جڏهن بس کي باھ وڪوڙيندي پورا پنج ڪلاڪ ٿي چڪا هئا تڏهن مون نوري آباد جي ايس ايچ او هاشم بروهي کي آخري ڪال ڪئي ۽ سترهن ماڻهن جي مرڻ جي هڪ دفعو ٻيهر تصديق ڪرائڻ چاهي پر هن ٻڌايو ته مري ويل مسافرن جو آخري انگ سترهن نه پر ارڙهن آهي. مون حيراني منجهان کيس چيو ته افسوس آهي جو اڃا تائين اوهان لاش ڳڻي نه سگهيا آهيو، ڪلاڪ پهرين اوهان آخري انگ سترهن ٻڌايو هو. نوري آباد جي ايس ايچ او هاشم بروهي ڏکاري انداز ۾ مون کي سمجهائڻ لڳو، سائين، لاش واقعي سترهن ئي هئا پر هاڻ اسان جڏهن لاشن جي وري چڪاس ڪئي آهي ته هڪ لاش جيڪو عورت جو آهي ان جي سيني سان هڪ ننڍڙو ٻيو لاش به چنبڙيو پيو آهي.