وري حادثو وري انتظامي لاپرواهي ۽ نوحو بڻيل سنڌ

0
151
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اردو جي مشهور شاعر قابل اجميري جو شعر آهي ته:

وقت کرتا ہے پرورش برسوں

حادثہ اک دم نہیں ہوتا۔

اها ڳالهه سنڌ سان خاص طور تي ان جي روڊن رستن سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. پر بدقسمتي سان اسان وٽ حادثا ايترا ته گهڻا ٿيندا آهن جو اهو ياد ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي ته ڪهڙو حادثو ڪهڙي وقت، ڪهڙي تاريخ ۽ ڪهڙي سال ۾ ٿيو هو. اسان وٽ ته حالت اها آهي اهي سالن جي “محنت” کانپوءِ ٿيندڙ حادثا ايترا ته گهڻا ٿيندا آهن جو جيستائين انهن حادثن کي سالن جا سال گذري وڃن تيستائين سنڌ ۾ ٿيل حادثن جو انگ لکن ۾ نه ته هزارن تائين پهچي چڪو هوندو آهي. هونئن ته اسان جو ڪو به اهڙو روڊ نه آهي جنهن تي انتظاميا جي “ڀلائي” ۽ حڪومت جي “مهرباني” سان حادثا ٿيڻ جا مڪمل انتظام نه ڪيا ويا هجن پر انهن مان سنڌ جا ٽي روڊ حادثن جي حوالي سان تمام بدنام آهن ۽ انهن کي هاڻي ته خوني روڊ سڏيو ويندو آهي. انهن ۾ جنهن روڊ تي سڀ کان وڌيڪ حادثا ٿيندا آهن اهو ڄامشوري کان سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي آهي. هي روڊ ماڻهن ۾ ايترو ته موت ورهائيندو آهي جو ڪو به ماڻهو هن روڊ تان غيرضروري طور سفر ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي پر جيڪڏهن ضرورت وقت وڃڻو به پوندو اٿس ته سندس گهرڀاتي سندس خيريت سان واپسي لاءِ دعائون گهرندا رهندا آهن. ٻيو روڊ ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي عرف زوري بڻايل موٽروي ايم نائن آهي. هن روڊ تي به ايترا ته حادثا ٿيندا آهن جو هي به خوف جي علامت بڻجي رهيو آهي. ٽيون روڊ نوابشاهه کان ڪنب تائين مهراڻ هاءِ وي آهي جنهن تي به وڏيون گاڏيون هلائڻ تي پابندي باوجود جڏهن اهي اتان گذرن ٿيون ته نه رڳو روڊ تباهه ڪن ٿيون پر ماڻهن جون حياتيون به کسي وينديون آهن. هڪ ڏينهن اڳ به اهڙو ئي هڪ خوفناڪ حادثو ٿيو آهي. جنهن جا تفصيل هن ريت آهن ته دادو ضلعي جي شهر خيرپورناٿن شاهه  جي ٻوڏ ۾ ٻڏڻ بعد هزارين خاندان حيدرآباد ۽ ڪراچي سوڌو ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، پاڻي لهڻ جي اطلاعن بعد اهي رهواسي ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڪوچ ۾ سوار ٿي واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته مسافر ڪوچ کي نوري آباد وٽ باھ وڪوڙي وئي، جنهن سبب امن مغيري ۽ سندس 8 ڌيئرن سميت 18 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. هڪ عورت زخمي ٿي پئي، جنهن کي لمس ڄامشورو منتقل ڪيو ويو.  ڪوچ ۾ سوار عورتن جي وڏي انگ پنهنجي مدد پاڻ تحت شيشا ٽوڙي نڪري پنهنجي جان بچائي. ڪوچ ۾ بچي ويل ٻارڙا ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا. ان عورت کي به سيني سان پنهنجو ٻارڙو لڳل هو. فائر برگيڊ عملي پهچي باهه وسائي. ٻڌايو پيو وڃي ته باهه لڳڻ شرط ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪنڍيڪٽر فرار ٿي ويا. بچي ويل مسافرن جو چوڻ هو ته ڪوچ ۾ 70 ٻوڏ متاثر سوار هئا، اوچتو باهه لڳي ته اڪثر ماڻهو در ۽ درين جا شيشا ٽوڙي ٻاهر نڪري ويا. ان خبر تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي. حڪومت به جاچ جو ٺلهو حڪم ڏنو آهي پر اسان سڀني کي خبر آهي ته ان واقعي جي ڪهڙي جاچ ٿيندي ۽ ڪهڙا ذميوار پڪڙ ۾ ايندا. ٻيو ته اهو ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر به بچي ويندا جيڪي مسافرن کي ڇڏي ڀڄي ويا.

اسان جي ان بي يقيني جو سبب سنڌ ۾ ٿيل اهي حادثا آهن جن جي باري ۾ ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهي ڇو ۽ ڇالاءِ پيش آيا. ٻيو ته ٺهيو پر ميڊيا به هن واقعي کي ٻن ڏينهن کانپوءِ ڪوريج نه ڏيندي ان جو هڪ سبب ملڪ ۾ ٿيندڙ اهڙا ٻيا واقعا آهن جيڪي هن حادثي کي وسارائي ڇڏيندا. ان ڪري اسان جي حڪومت کي گذارش آهي ته ڪي اهڙا اپاءُ ضرور ورتا وڃن جو اڳتي ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن. گهٽ ۾ گهٽ روڊن تي به ماڻهو محفوظ هجڻ گهرجن.