ٺل: جي يو آءِ جيڪب آباد جي اڳواڻ ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته علائقي ۾ دامني وڌي وئي آهي، جنهن ڪري عوام پاڻ کي غيرمحفوظ پيو سمجهي. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد ڪنھن سان ملڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪا ڪارروائي ڪري رهيو آهي، ھن چيو ته عيد بعد وڌندڙ بدامني، اغوا ۽ پوليس جي غلط رويي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، هوڏانهن کوسا برادري جي چڱن مڙسن طاهر کوسو، احمد علي کوسو ۽ ٻين اسلم کوسو جي بازيابي جي گهر ڪئي آھي.