لکي غلام شاهه/چڪ (نمائندن وٽان) لکي غلام شاهه ڀرسان اغوا ٿيل 3 مغوي بازياب نه ٿيا، هڪ مغوي جي وارثن کي فون، 25 لک ڀنگ طلب، پوليس جي ٻن ڳوٺن تي چڙهائي، هڪ روپوش سميت 4 ڄڻا گرفتار، اغوا ۾ استعمال ٿيل ڪار ۽ ڪيري هٿ، ڏوهاري جي گهر تي ڪيمپ قائم، خبر موجب اغوا ٿيل محمد طاهر ميئو، ٺل واسي سيپڪو جي اڳواڻي آفيسر عبدالمجيد سرڪي ۽ سونهارو پهوڙ کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي. هوڏانهن اي ايس پي سٽي شڪارپور فاضل شاهه بخاري جي اڳواڻي ۾ شڪارپور، چڪ، لکي غلام شاهه، رستم، جهان خان، نيو فوجداري، اسٽورٽ گنج، امروٽ، ڳاهيجا ۽ مديجي ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ غلام مهر ۽ ڳوٺ محبوب مهر تي چڙھائي ڪري مغوي عبدالمجيد سرڪي جي اغوا ۾ استعمال ٿيل ڪار پرويز عرف پرو مهر جي گهر مان ۽ حافظ طاهر ميوو جي اغوا ۾ استعمال ٿيل ڪيري هٿ ڪري ورتي، ڪارروائي دوران پوليس روپوش جوابدار اعجاز مهر ۽ محبوب ڳوٺ مان 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي نامعلوم هنڌ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ان ڏس ۾ پوليس پرويز عرف پرو مهر جي هٿ نه اچڻ تي سندس گهر ۾ پوليس ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي. اطلاعن موجب 22 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پورهيت سونهارو پهوڙ جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران 25 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، مغوي جي عزيزن شھمور ۽ شھمير پهوڙ چيو ته ڌاڙيلن فون ڪري چيو آهي ته 25 لک رپيا ڀنگ ڏيو، هنن چيو ته اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻينداسين.