ايس ايس پي شڪارپور تي الزام هڻندڙ ڊي ايس پي خانپور لاءِ نئين مصيبت

0
180

ڪراچي: ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪارن جي اغوا واقعي تي ايس ايس پي شڪارپور خلاف پريس ڪانفرنس ڊي ايس پي خانپور کي ڳچي ۾ پئجي وئي

آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راجا نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي مهدي رضا ٽالپر کي بدلي ڪري ڇڏيو، ڊي ايس پي کي فوري طور سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

گذريل ڏينهن ڊي ايس پي خانپور ايس ايس پي خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي مٿس سنگين الزام هنيا هئا

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي ڊي ايس پي خانپور پاران ايس ايس پي شڪارپور تي لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ 3 رڪني ڪميٽي به جوڙي ڇڏي هئي

هي به پڙهندا

ڊي ايس پي خانپور ايس ايس پي شڪارپور کي ذهني مريض قرار ڏئي ڇڏيو