ڊي ايس پي خانپور ايس ايس پي شڪارپور کي ذهني مريض قرار ڏئي ڇڏيو

0
624

خانپور: ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ  ڪورائي ۽ ڊي ايس پي خانپور مهدي  رضا ٽالپر ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

ڊي ايس پي مهدي رضا ٽالپر الزام هنيو ته ايس ايس پي شڪارپور ڏوھارين جي ساٿاري ٽي سي اهلڪارن کي ويجهو رکي ٿو، ٿاڻا به اُنهن حوالي ڪيا ويا آهن

ڊي ايس پي مهدي رضا ٽالپر الزام هنيا ته ڪوٽ شاھو واقعي وقت ايس ايس پي خالد مصطفيٰ مون کي ويجهو ئي اچڻ نه ڏنو

پريس ڪانفرنس دوران پوليس آفيسر الزام هنيو ته ايس ايس پي مون کي اردلي وارا ڪم ۽ ٽي  سي اهلڪارن کان ڊي ايس پي وارا ڪم وٺندو رهيو

هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور تيل جي مد ۾ ڪرپشن ڪري ٿو، مون کي 600 ليٽر بدران 250 لٽر تيل ڏنو وڃي ٿو،  ايس ايس پي شڪارپور ميٽنگ ۾ مون کي  گارگند ڪئي، هن ٿاڻا ڏوهارين جي ساٿاري ٽي سي اهلڪارن حوالي ڪيا آهن

ڊي ايس پي خانپور موجب ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي ڪوٽ شاھو جي مغوي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن کي بازياب ڪرايو