مدئجي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، شهرين جو ڌرڻو

0
144
مدئجي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، شهرين جو ڌرڻو
مدئجي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، شهرين جو ڌرڻو

مدئجي ۾ هول سيل جي دڪانن مان لکين رپين جي چوري ۽ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، دڪاندارن ۽ شهرين  احتجاجي ريلي ڪڍي جندوديرو پل وٽ ڌرڻو هڻي ڇڏيو

ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو-سکر روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته پوليس پاران روڊ کولرائڻ جي ڪوشش دوران ايس ايڇ او ۽ مظاهرين ۾ ڏند چڪ ٿي

مظاهرين موجب پوليس جي لاپرواهي سبب چور سيٺ ڪلتار داس ۽ سريچند جي هول سيل جي دڪانن کي کاٽ هڻي لکين رپين جو سامان کڻي ويا

مظاهرين پاران  فوري طور چور گرفتار ڪري سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي