اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم اقتصادي مامرن جي وزير سردار اياز صادق کي قانون ۽ انصاف وزارت جو به قلمدان ڏئي ڇڏيو آهي، سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي استعيفا کان پوءِ خالي ٿيل قانون ۽ انصاف جي وزارت جو قلمدان وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي مامرن جي وزير سردار اياز صادق کي ڏئي ڇڏيو آهي، سردار اياز صادق وٽ اقتصادي مامرن جي وزارت کان علاوه هاڻي قانون ۽ انصاف وزارت جو به قلمدان هوندو، جنهن بابت ڪابينا ڊويزن باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 31 آڪٽوبر کان لاڳو تصور ٿيندو.