حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ قائم پلازه جي ڇت تان نينگري جو تشدد ٿيل لاش مليو. پاڙيسرين نينگري کي بيهوش سمجهي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو پر ليڊي ڊاڪٽر سندس موت جي تصديق ڪندي لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو. مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پهچڻ بعد لاش ايمرجنسي وارڊ مان پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪو ليگل شعبي منتقل ڪيو ويو جتان 7 ورهين جي نينگري زاليه ڌيءُ فيصل قريشي جو لاش سندس وارث پنهنجي گهر کڻائي ويا. واقعي بابت شروعاتي طور پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري گهر مان شيءَ وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتي جتان هو پراسرار نموني گم ٿي ۽ بعد ۾ سندس لاش پلازه جي ڇت تان هٿ آيو. پوليس موجب نينگري جو لاش ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نينگري جو موت گهٽا ڏيڻ سبب ٿيو آهي جڏهن ته نينگري جي چهري تي تشدد جا نشان به واضح نظر پئي آيا پر سندس موت جو ڪارڻ ۽ حقيقتون پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد واضح ٿينديون. علائقي ۾ افواهه آهن ته ڪٿي نينگري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل نه ڪيو ويو هجي پر ان بابت پوليس توڙي سندس وارث ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن. پوليس اها ڳالهه به واضح ڪئي ته نينگري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي. ساڻس زيادتي بابت اڃا ڪا ڳالهه سامهون ناهي آئي پر ميڊيڪو ليگل شعبي پاران اڄ سندس شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ظاهر ڪئي ويندي جنهن بعد زيادتي توڙي موت بابت ڳالهيون سامهون اچي وينديون. هوڏانهن ميڊيڪو ليگل شعبي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور نينگري سان زيادتي بابت ڪي به شاهديون نه مليون آهن پر سندس موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي جنهن مان اندازو لڳي ٿو ته نينگري جو وات ۽ نڪ بند ڪيو ويو هو جنهن سبب هو فوت ٿي.