اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ 2 ڏينهن جي دوري تي چين جي دوري تي روانو ٿيندو، کيس چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ دوري جي دعوت ڏني هئي، شهباز شريف وزير اعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پهريون دورو ڪري پيو، وزيراعظم دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو، وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿينديون، ٻئي ملڪ باهمي اسٽريٽجڪ تعاون جي شراڪتداري جو جائزو وٺندا ۽ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ  ڪندا، ان دوران مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي  يادداشتن/ معاهدن تي صحيحن ڪرڻ جو به امڪان آهي.