اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙي ويجهو کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪر دشتيءَ جي رهواسين کنڀڙا پوليس جي مبينا زيادتين خلاف معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام حسين، عبدالسلام مسمات زينب ۽ بيگم ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام ھنيو ته ٻه ڏينهن اڳ ايس ايچ او کنڀڙا پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري بناجواز گهر مٿان چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪيو. پوليس اهلڪار ٻن نوجوانن آصف علي ۽ راشد کي کنڀي کڻي ويا، جن مٿان چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان غريب آهيون، محنت مزدوري ڪري ٻچڙن جو گذر سفر ڪندا آهيون. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪيءَ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوانن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس پوليس جي زيادتين کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.