اڪري چودڳي (ن پ ا) پڪا چانگ جي ڳوٺ مزار خان چانگ واسي نوجوان زوهيب حسن ڳوٺ عزيز الدين واسي شبانه ملڪ سان خيرپور جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. جوڙي شادي بعد پريس ڪلب اڪري چودڳي پهچي دانهيندي چيو ته اسان رضا خوشي سان نڪاح ڪيو آهي، جنهن تان ناريءَ جا ڀائر اڪرم، اسلم ۽ ٻيا جاني دشمن بڻجي ويا آهن، نڪاح کان پوءِ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته ڄاڻايل جوابدار کين ڪنهن به وقت جاني نقصان پهچائي سگهن ٿا. هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته کين قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.