شھدادپور (ن پ ا) مهينو اڳ هٿياربندن پاران ڊسپينسر عبدالڪريم لاشاري کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ واري واقعي ۾ لُنڊو پوليس ڳوٺ تڳيو رند واسي ڳوٺاڻي يار محمد رند کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، هوڏانهن متاثر ڊسپينسر پوليس جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته سندس موٽر سائيڪل واقعي جي ڪجھه ڏينهن بعد ملي وئي هئي پر ايس ايچ او لُنڊو رشيد بروهي ۽ وڏو منشي جان محمد خاصخيلي 3 ڏينهن اڳ چيڪ اپ بهاني ڪلينڪ تي اچي دوائون ۽ گوريو وٺي اچڻ جو ڏٽو ڏئي موٽر سائيڪل ڪاهي ويا، جن موٽرسائيڪل واپس ڏيڻ بدران ڳوٺاڻي يار محمد تي ڦر جو الزام مڙھي برآمد جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيا آهن. هن معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي. هوڏانهن ايس ايچ او ڊسپينسر کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته گشت دوارن درگاھ احمد شاھ وٽان جوابدار کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل موٽر سائيڪل برآمد ڪئي.