ميرپورماٿيلو/ڏهرڪي: ميرپورماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ 13 زخمين ۽ 8 ڄڻن جا لاش آندا ويا هئا جن مان ريلوي ملازم راولپنڊي واسي ربنواز ۽ لاهور واسي احمد علي ۽ ننڪاڻا واسي آصف شهزاد جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، 5 فوتين جا لاش اسپتال ۾ پيل آهن. 13 زخمين مان 8 ڄڻن کي طبي امداد ڏيئي گهر روانو ڪيو ويو جڏهن ته ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان روانو ڪيو ويو 13 زخمين ۾ نعمان رياض، ڪائنات رياض، ڪوثرخاتون، شاهنواز، عفان احمد، عبدالغفور، حيدرعباس، زهرا عباس، عمارا عباس، مسڪان، نسيم خاتون ۽ ٻيا شامل آهن‎. ڏهرڪي تعلقه اسپتال ۾ 4 لاشن آندا ويا جن ۾ خانيوال واسي عورت سائره شهزاد ۽ سندس ڌيءَ 2 ورهين جي دعا فاطمه، لوڌران واسي محمد اسلم ۽ شهروز ارشد شامل آهن جن مان ٽن لاشن کي وارث کڻائي ويا. اوٻاوڙو تعلقه اسپتال ۾ 29 لاشن ۽ 60 زخمين کي آندو ويو 27 فوتين مان 10 ڄڻن جي سڃاڻپ بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جن ۾ محمد علي، مائي روبينا ۽ شبيران جو تعلق لوڌران، مبشر قريشي جو نوابشاب شاھ، سميع الله ۽ انعم جو فيصل آباد ۽ مقدس جو ملتان سان آهي. ڊي جي رينجرز سنڌ افتخار حسين خان حادثي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو.