انصاف نه مليو ته اسان به پاڻ ساڙينداسين: آپگهات ڪندڙ اهلڪار جا وارث

0
381

ڪراچي: سي پي او سامهون پاڻ ساڙي آپگهات ڪندڙ اهلڪار مظفر چانڊيو جا وارث عدالت پهچي ويا. متاثر خاندان پاران ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي. درخواست گذار سجاد جو چوڻ هو ته پوليس ملزم اياز ، گلزار ، دريا خان ۽ عمران جي خلاف ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي، منهنجي پيءَ ، فوت ٿيڻ تائين انهن ماڻهن جا نالا کنيا، اهي ماڻهو منهنجي والد کي بليڪ ميل ڪري رهيا هئا. درخواست گذار چيو ته جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته اسان به سي پي او آفيس سامهون پاڻ ساڙي آپگهات ڪنداسين.