ڪيس داخل ٿيڻ باوجود قديمي آثارن ليلا جا آتڻ تان قبضو ختم نه ٿيو!

0
249

اڪري چودڳي :آرڪيالاجي کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام حسن بڙدي،پروفيسر غلام مصطفيٰ شر،ايڊووڪيٽ نور راڄپر،ايڊووڪيٽ زين العابدين راڄپر ،سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نذير کوکر خادم شر اشتياق چانگ ۽ ٻين پريس ڪلب اڪري پهچي الزام هڻندي چيو ته ليلا جا آتڻ جي لتاڙ ۽ قبضن خلاف ڪالھه اڪري ٿاڻي تي داخل ٿيل ايف آءِ آر جي اڄ مشير نامن تيار ڪرڻ لاء تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ پهتاسين، اتي پهچڻ بعد ڏٺوسين ته بلڊوزرن ذريعي هٿيار بندن جي مدد سان تاريخي ماڳ جي زمين تي ڪم جاري هيو، جنهن تي اسان اتي موجود ماڻهن کي ڪم کان روڪيو ته اهي مڇرجي پيا، اسان تي ڏنڊا بردار ماڻهن حملو ڪري ڏنو، ان وقت اتي موجود ڳوٺاڻا پهچي ويا جن اسان کي انهن جي حملي کان بچايو، اسان اهي ڏنڊا پڻ کڻي آيا آهيون. هنن چيو ته ايف آء آر ۾ نامزد ڊاڪٽر صفدر آرائين ۽ سندس ڀائر بااثر ماڻهو آهن جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود قديم آثارن جي زمين تي هلندڙ ڪم بند ناهي ڪيو ويو، هنن اڪري ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال رڏ،ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر مهدي رضا آرائين ايس ايس پي خيرپور۽ڊي سي خيرپور تي پڻ بي اعتمادي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو ت، مٿيان آفيسر بااثر ڊاڪٽر صفدر آرائين جي ڌر بڻيل آهن، قبضا گيرن خلاف داخل ٿيل ڪيس تي پڻ اثر انداز ٿي رهيا آهن. هنن وزير اعليٰ سنڌ، چيف جسٽس آف هاء ڪورٽ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته في الفور ليلا جا آتڻ جي زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڪيس جي جانچ ۽ انڪوائري لاء ڪنهن سٺي ساک رکندڙ آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي ۽ قديمي آثارن جي زمين تي ٿيندڙ قبضا مافيا پاران هٿياربندن جي ڏاڍ هلندڙ ڪم بند ڪرايو وڃي.