امريڪا ايران خلاف جارحاڻي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو: جوبائيڊن

0
43
امريڪا ايران خلاف جارحاڻي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو: جوبائيڊن
امريڪا ايران خلاف جارحاڻي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو: جوبائيڊن

امريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي چيو آهي ته امريڪا ايران خلاف جارحاڻي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو

امريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو ڇڪتاڻ وڌائڻ نه ٿا چاهين، اسرائيل جي دفاع جي حمايت جاري رکنداسين ۽ خطي ۾ اتحادين ۽ ڀائيوارن سان مشاورت به ڪنداسين

 اسرائيل تي ايراني حملي کان پوءِ امريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو

آسٽن اسرائيل کي چيو ته ايران خلاف ڪنهن به جوابي ڪارروائي کان اڳ اسان کي ٻڌايو وڃي،  وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جي دفاع لاءِ امريڪي فوج گذريل هفتي علائقي ۾ جهاز ۽ بيلسٽڪ ميزائل ڊفينس ڊسٽرائرز کي خطي ۾ منتقل ڪيو هو ته جيئن اسرائيل طرف ايندڙ ڊرونز ۽ ميزائلن کي مارڻ ۾ مدد ملي سگهي

 اڳوڻي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن هو امريڪا جو صدر هجي ها ته ايران ڪڏهن به اسرائيل تي حملو نه ڪري ها، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت وڏي ڪمزوريءَ جو مظاهرو  ڪيو

اسرائيل تي ايراني حملي کان پوءِ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب پاڪستان وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

 پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو، پاڪستان ڪيترن ئي مهينن کان غزا ۾ جنگبندي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏئي رهيو آهي

 پاڪستان 2 اپريل تي شام ۾ ايراني قونصليٽ تي حملي کي وڏي ڇڪتاڻ جي اڳڪٿي قرار ڏنو هو

 پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهي آهي