جنم ڏينهن جي مناسبت سان … سنڌ جو سهڳڻو سُخنوَر – مقصُود گل

0
34
جنم ڏينهن جي مناسبت سان ... سنڌ جو سهڳڻو سُخنوَر - مقصُود گل

 مالدار ماڻهن، وڏن ليڊرن ۽ صاحبِ ثروت سرمايه داران جي ساراهه کان اکين کي اوجھل ڪري، جڏهن پنهنجن انهن سِڪَ وارن سڄڻن جي ساروڻين کي قلمبند ڪرڻ ويهجي ٿو، جن جي محبتن ۽ مروّتن منهنجي زندگيءَ کي زينت بخشي ۽ خود اعتمادي پيدا ڪئي، ته روح کي راحت ۽ قلب کي قرار ملي ٿو پئي. اڄ هتي اهڙي ئي قربدار، جيءَ جيارَ جو تذڪرو ڪريان ٿو، جيڪو سون ورنيءَ سنڌ جو سهڳڻو سخنور هو ۽ ادبي سنسار ۾ “مقصود گل” جي نالي سان مشهور آهي.

                 هر هڪ ماڻهوءَ کي مالڪ جُدا جُدا صفتن سان سينگاريو آهي، پر جيئن ته منهنجو مهربان مقصود گل منهنجي نظر ۾ انيڪ خوبين جو گلدستو هو، انڪري مان کيس ‘سهڳڻو’ لکيو آهي، يعني جنهن ۾ هڪ يا ٻه نه پر سوين گُڻَ يا خُوبيون هجن. هُو سُخنور به هو ته سُخن شناس به! ادب جي مختلف ميدانن ۾ هن هڪ هوشيار شهسوار جيان پنهنجو ڪونتل ڪُڏايو، جيڪو سندس سُخن شناس هجڻ جو ثبوت آهي. پياري مقصود گل سان منهنجي سِڪَ پريت جو جيڪو رستو هو، ان آڌار مون سندس شخصيت ۽ حيثيت جو جيڪو مشاهدو ڪيو، هي مضمون ان پسمنظر ۾ آهي.

سچل سائينءَ جي فهم ۽ فڪر سان سانڀر لاڪون ساهه جي سُٻنڌ رهيو آهي. بابو سائين مرحُوم هر سال 14هين رمضان جي صبح جو گادي ڌڻي سائين خواجه عبدالحق فاروقيءَ جي تاج پوشي ۽ “عشق مبارڪ” تقريب ۾ شرڪت لاءِ درازه وٺي ويندو هو. ڇا ته وجد آور ڪيفيت هوندي هئي حاضرين جِي! بيان کان قاصر آهيان!

“بهارِي ڪئي سخي مولا! سڄو سنسار هُو… هُو… هُو…”

انهن ٻولن سان صوفي سماع شروع ٿيندو هو ۽ پُڄاڻي ٿيندي هئي سچل سائينءَ جي هن ڪلام تي:

“آءٌ ٻانهِي تُون سائين وي، پاتم پاند ڳچيءَ ڳل ڪپڙو”

راڻي پور ۾ “سچل سرمست ڪاليج” کلڻ کانپوءِ سچل سائينءَ جي طالبن “عشق مبارڪ” جي تقريب کانپوءِ منجھند ڌاران سچل سرمست ادبي ڪانفرنس جي شروعات ڪئي. اسٽيج ۽ پنڊال وغيره سينگارڻ جو ڪم سچل ڪاليج جي اسٽاف ۽ شاگردن حوالي هو، باقي عالمن اديبن کي مدعو ڪرڻ جو ذمو “سچل اڪيڊميءَ” حوالي هو. پنهنجي دؤرَ جا نامور اديب ۽ شاعرَ سموريءَ سنڌ مان فقط سچل سائينءَ جي عقيدت ۾ پنهنجي ڀاڙي ڪرائي تي ايندا ڏٺاسون. نه آڊيٽوريم هو، نه سماع هال ۽ نه ڪو ريسٽ هائوس وغيره. اڄ جيان تيز رفتار سواريون ۽ روڊ رستا به موجود ڪونه هئا.

“محبت وڌي هئي مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري!”

چند سالن کانپوءِ “سچل اڪيڊميءَ” جي جاءِ تي “سچل يادگار ڪميٽي” جوڙي وئي، جنهن جا سرواڻ هئا ڊاڪٽر تنوير عباسي، هادي بخش لاڙڪ، سيّد قائم علي شاھ، سيّد غوث علي شاھ ۽ عطا محمّد حامي. جيئن ته هاڻي ادبي ڪانفرنس جي انتظاميه جو تعلق ساڳئي ضلعي سان هو، تنهنڪري شاعرَ، اديبَ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا. خالص سچل شناسيءَ جي فروغ جي مقصد سان نه رڳو اتر سنڌ، پر سموري سنڌ جي شاعرن اديبن کي هڪ وسيع غير سرڪاري پليٽ فارم ملي ويو. اسان جهڙن نؤجوانن ان وقت مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز، فيض بخشاپوري، نياز همايوني، بردي سنڌي، نُور عباسي، الطاف عباسي، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ ۽ پرواني ڀٽي وغيره کي پهريان پهريان اتي ڏٺو ۽ ٻڌو. اڳتي هلي ادبي قافلي ۾ سچل جي صحن تي جن نون شاعرن پاڻ مڃايو، تن ۾ شمشيرالحيدري، تاجل بيوس، عنايت بلوچ، هدايت بلوچ ۽ قاضي مقصود گل وغيره شامل آهن. تنهن وقت درازا ڪي ٻيا هئا. اڄوڪو گوڙ گند ڪونه هو. نه شاعرن کي شُهرت لاءِ ششدر ڏٺوسين، نه سرڪاري چيڪ لاءِ چريو! “ڀلي بُکَ ڀرمَ جي، شلَ نه وڃي شان” اهو حقيقت ۾ اسان پاڻ ڏٺو. سچل ادبي ڪانفرنس ۾ هر سال جن مڻيادار ماڻهن سان ملڻ ۽ چار چونڪَ بامقصد گفتگو ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو، تن ۾ صاف سهڻي صورت ۽ موهيندڙ مُرڪَ وارو ماڻهو قاضي مقصود گل مون لاءِ منفرد هو. درازي درويش جي ادبي اسٽيج تي سنڌ جي هن روشن ضمير شاعر، سچل کي ڀيٽا ڏيڻ سان گڏوگڏ عوامي جمهوري حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۽ ڪالاباغ خلاف مزاحمتي معرڪا وڏي دليريءَ سان وڙهيا:

سنڌ جو پاڻي سُڪائڻ ٿا گُھرَن

باغَ کي برپٽ بڻائڻ ٿا گُھرَن

جھوڪَ، ڀِٽَ جو ۽ درازَن جو سچل

سنڌ سان ناتو نڀائڻ ٿا گُھرَن

پنهنجي ديس ۾ وحشت ۽ دهشت جو دؤر ڏسي، وڏي واڪ چوڻ لڳو:

بُکَ هڙتالي تال پکيڙي، دهشتگردَ ڇڏائڻ چاهِن

ڪُوڙا ڍونگَ رچائي ڪُوڙا،

ٻين جا حقَ ڦٻائڻ چاهِن

مقصُود گل، پنهنجي همعصرن ۾ منفرد مترجم، نقاد، شاعر، نثر نويس ۽ ڪالم نگار رهيو. مگر هن جو قلمي ڪردار سچل شناس جي حيثيت ۾ هميشه يادگار رهندو. سچل سائينءَ جي شارحَ، ڊاڪٽر عطا محمّد حاميءَ سان ساڻس عقيدت جو رستو هو. پاڻ نه فقط سندس شاعرانه عظمتن جو معترف هو، پر گھڻي قدر پنهنجي شاعريءَ جو لساني ۽ صنفي سٽاءُ به ساڳيو اختيار ڪيائين. حامي صاحب جا پراڻي دؤر ۾ ڇپيل تحقيقي مقالا هن وڏي جفاڪشيءَ سان ڪَٺا ڪري “وکريل موتي” جي نالي سان ڪتابي صُورت ۾ ڇپرائي حامي صاحب جي پهرين ورسيءَ تي پڌرا ڪيا. ان کانپوءِ هن حامي صاحب جي ڪيل سچل جي فارسي مثنوين جي منظوم سنڌي ترجمي “نينهن جا نعرا” کي اردُوءَ جو ويس ڍَڪائي هڪ وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو ڪم هن ڪنهن جِي فرمائش يا معاوضي جي آسري تي شروع نه ڪيو. ان جي پويان سندس سچل سائينءَ جي فڪر کان متاثر ٿيڻ وارو سبب سمايل هو. اڃا مثنوين جو ترجمو مڪمل نه ڪيو هئائين، ته مونکي خط لکي آگاھ ڪيائين ۽ راءِ معلوم ڪيائين. منهنجي خوشيءَ جي ڪا انتها نه هئي. مون فوراً ساڻن رابطو ڪري کين ان ڪم لاءِ وڌيڪ وقت ڪڍڻ جي گذارش ڪئي، ته جيئن مقصود گل سان گڏ سچل چيئر جو ڊائريڪٽر الطاف اثيم به پنهنجي زندگيءَ لاءِ اهو اعزاز حاصل ڪري سگھي.  پوءِ پاڻ ايئن ئي ڪيائين. مسودو جائزي کانپوءِ تڏهوڪي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ آڏو رکيم، جنهن بنا دير ڇپرائڻ جي منظوري ڏني. عزيزم ياسر قاضيءَ، حميد سبزوئيءَ ۽ طارق عزيز شيخ جي گڏيل ڪاوشن سان “عشق سمندر” جلدي ڇپجي آيو. سچل سائينءَ جي عرس جي موقعي تي شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سچل چيئر پاران مقصود گل کي جناب اي. اين، جي عبّاسي مرحوم جي هٿان “سچل سرمست ايوارڊ” ڏنو ويو. سچل جي مثنوين جي منظوم اردو ترجمي وارو ڪتاب “عشق سمندر” اداري جو سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ۽ پڙهجندڙ ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. منهنجي نظر ۾ قاضي مقصود گل جا ٻيا مڙيئي قلمي ڪارناما هڪ طرف، “عشق سمندر” جو اعزاز هڪ طرف.

مقصُود گل سان ٻئي هنڌ گھٽ، پر سال ۾ ٻه ڀيرا خيرپور ۾ ملاقات ضرور ٿيندي هئي. هڪ سچل ادبي ڪانفرنس ۾ ۽ ٻي عطا محمّد حامي صاحب جي ورسيءَ تي منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾… هونئن ته خط و ڪتابت سمورو سال هلندي رهندي هئي، ڇوته موبائيل اڃا عام نه ٿي هئي. ملاقاتن جي پسمنظر ۾ مون کيس اندر ڪارو ڪانءُ رکي ٻاهر هنجَ جِي ٻولي ٻوليندي ڪونه ڏٺو. پاڻ سخن جي سچائيءَ ۽ دوستيءَ جو ڀرم هر حال ۾ قائم رکندڙ انسان هو. هو خواه مخواه وچ ويهڻ، ٺونٺيون هڻي اڳين صفن ۾ سلهاڙجڻجو سعيو نه ڪندو هو. صدارتي صدرِي پائڻ يا مُک مهماني ماڻڻ جو متوالو نه هو. دستِ حاجت دراز ڪرڻ جي عادت ڪانه هيس. سدائين صبر سان منهن تي مُرڪون سجائي شعُور جون شمعون روشن ڪرڻ ۾ رڌل رهيو. “جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي!”