ڳالهيون ڳنوارن جون … وڪٽوريا روڊ ۽ ان جون تلخ و شيرين يادون

0
30
ڳالهيون ڳنوارن جون ... وڪٽوريا روڊ ۽ ان جون تلخ و شيرين يادون

وڪٽوريا روڊ تان گذري رهيو آهيان. نماڻين اکڙين ۾ بادل ڀرجي آيا آهن. يادن جي پشم جهڙا خيال پڃاري جي پوڻين وانگر ڦونڌا ڦونڌا ٿي اکين آڏو ڦري رهيا آهن. 65ع واري جنگ کي هڪڙو سال مس گذريو هو. هڪ بنهه ننڍڙي نوڪري بهاني اڪثر ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو. شام ٿيندي ئي، منڊمون تازي ۽ ٿڌڙي هوا تي چئن گهوڙن وارين وڪٽوريائن تي چڙهي وڪٽوريا روڊ تان مٽيندي ڏسبيون هيون. جنگ جي پڙاڏي جي ڪري بازار ۾ غيرملڪي سياحن جي اها پيهه ته ڪانه هئي، البت شامڙي ڌاري هوا بدلي ڪرڻ لاءِ آيل سفارتڪارن جا ٻار ٻچا بازارين ۾ گهمندي ڦرندي ۽ وڪٽوريائن ۾ سير ڪندي ڏسبا هئا.

                 ڪراچي صدر جو هي اهو علائقو هو، جتي ڪو دڪان کولي ويهڻ لاءِ تيار ڪونه هو. ڪئپٽن هينري پريڊي، جنهن جي نالي پويان اڄ به پريڊي اسٽريٽ مشهور آهي، سيٺ نائون مل کي چئي، دوڪان کولرايا هئا. سيٺ نائون مل به خرچ ڪري صدر ۾ ڪيتريون ئي جايون جوڙايون هيون ته اڳتي هلي اهي مهانگو لهي ميڙينديون پر قدرت جي ڪرڻي جو چارلس نيپيئر جي دل ۾ نائون مل لاءِ ايتري نفرت وِڌائين، جو ان جي حڪم تي سيٺ نائون مل جون صدر ۾ ٺهيل چار جايون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. ان جو ڏک سيٺ کان مرڻ گهڙي تائين ڪونه وسريو.

صدر جي اڏاوت شروع ٿي ته ترتيب سان ويڪرا رستا ٺاهي، انهن جي پاسن کان عمارتون ۽ دڪان ٺهرايا ويا. پارسي اسڪول ۽ شاندار عمارتن وارا چرچ ٺهيا. صدر جي اڀرندي پاسي فوجين ۽ عملي جي رهائش لاءِ بئرڪون، جن کي اڄ به نيپيئر بئرڪس سڏيو ويندو آهي، تعمير ڪرايون. ڪراچي جي پراڻي قلعي کان ڪافي ڏور هڪ شاندار شهر تعمير ٿي ويو. صدر ۾ ايمپريس نالي واري ڀلي مارڪيٽ ٺاهي وئي. مکيه رستن جا نالا رکيا ويا، جهڙوڪ بندر روڊ، ميڪلوڊ روڊ، وڪٽوريا روڊ، ايلفنسٽن اسٽريٽ وغيره. هن کي پوءِ اڌ نالي سان ايلفي اسٽريٽ سڏيو ويندو هو. ڪمال کي زوال آهي. انگريز فيل مست سئو سال حڪومت ڪري هليو ويو. رستن جا نالا ۽ عمارتن جا ڪتبا تبديل ٿي ويا. هر شئي کي مسلم بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهي عمارتون، اسڪول ۽ چرچ پنهنجي پراڻي آب و تاب ۽ منفرد آرڪيٽيڪچر سان اڄ ڏينهن تائين نشانبر بيٺا آهن.

اڄ وڪٽوريا روڊ تان مٽيندي يادگيرين جون ٻنڌيون ٽٽي پيون. ان ئي وڪٽوريا روڊ تي ريگل چوڪ وٽ مٿي ماڙيءَ تي ننڍڙي بار هوندي هئي. شام جا پاڇا لڙندي ئي منچلن مهمانن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويندو هو. هي اها جاءِ هئي، جتي نيڪي ۽ بَديءَ جو ڪوبه تصور ڪونه هو. بس ملا محمد طاهر غني جي هن شعر مصداق؛

نيڪي و بد را امتياز نيست در بازار دھر،

مي شد در ھر تراسزو سنگ يا  گوھر طرف۔

هيٺ وڪٽوريا روڊ تي هلندڙ بگين ۾ ڀورين ۽ بگين مهه جبينن جا گيسوءِ دراز هوا ۾ لهرائيندي ڏسبا هئا. ايلفي ۾ نازنينن جا ٽولا لا ابالي ۾ ديوانه وار ڦرندي پيا پسبا هئا. وهندي جي هوا، وارن کي آڻي، رخسارن تي روڪيندي هئي ۽ اکڙين کي چمندي وري ڪنهن ٻي ٽولي جي ڪوتاهه زلفن سان کيڏندي اڳتي هلي ويندي هئي. بادِ شام جو اهو رقص جوانيءَ جي خوشين جا لازوال ٽهڪ، پارچاجات جي رنگيني ۽ عشاقن جي صورتحال جي سنگيني ۾ دلفريب ۽ دلربا ماحول ٺهي پوندو هو، جنهن ۾ نه آغاز جو پتو هوندو هو، نه انجام جو فڪر. بقول ڪاشاني:

ماز آغاز وز انجام جھان بي خبريم

اول و آخر اين ڪهنه ڪتاب افتادہ است۔

بار ۾ منچلن کان علاوه، نراڙن تي گهنجن جون قطارون سجايل، چاندي جهڙن سفيد وارن، لال  اکڙين وارا سنجيده دانشور ۽ پڙهيا لکيا لوڪ به غم غلط ڪرڻ يا ڪنهن لازوال تخليق جي تلاش ۾ هتي اچي پهچندا هئا. انهن جي حال جي تصوير ڪشي لاءِ مولانا غلام محمد گرامي جو هي شعر پيش ڪرڻ جي جسارت ٿو ڪريان، اميد ته گران ڪونه گذرندو؛

ساقيءَ ماهوش کڻ ڪا نوري نظر، ڪو اٿي جام ڀر،

عالم رنگ و بو، چار سو، ڪوبڪو، ٿيو فريب نظر.

ساقيءِ باهنر، تنهنجي ميخانه در، آيا اهل خبر،

اٿ ڪو ساغر ته ڀر، جنهن ۾ ٿيو موجزن، منهنجو خون جگر.

اسان جهڙن رولاڪن ۽ خاڪ نشينن جي اوستائين رسائي ڪانه هئي. اسين ته بس ايلفي واري ايراني هوٽل واري، وزن دار ۽ وضعدار گول مٽول بگي چهري واري ايراني جا اڻ سڏيا مهمان هوندا هئاسين. هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي، چانهه جي ڪوپ تي انقلاب آڻڻ وارن ڪامريڊن تي به نظر پوندي هئي ته، درد فراق جي ماريل ۽ سوز و گداز جي ستايل چند سنڌي شاعرن کي به ويٺل ڏسبو هو. قيوم لالائي ۽ ڪيهر شوڪت جهڙا جوان به هوندا هئا ته شمشير حيدري ۽ نواز علي شوق جهڙا سنجيده عالم ۽ شاعر به. هي اهو دور هو، جڏهن ڪتابن پڙهڻ جو شوق تمام گهڻو هوندو هو. ايلفي تي موجود امريڪن بوڪ اسٽال تي ۽ ڇيهه ڏکڻ ۾ رشين لٽريچر جا هزارين ڪتاب زمين تي رکي ويٺل بوڪ سيلر وٽ وڏي رش هوندي هئي. انهن کان علاوه ايراني هوٽل ڀرسان شيلف ۾ ڪتاب سجائي، هڪ پنجاپي دانشور به ويٺو هوندو هو. ان کان ٿورو وٿيرڪو هڪ پوڙهو زمين تي سئو کن ڪتاب رکي ويٺو هوندو هو. ولگر قسم جا اهي انگريزي ناول واپسيءَ جي شرط تي هڪ ٻه رپئي ۾ هفتي کن لاءِ پڙهڻ لاءِ ملي ويندا هئا. وڪٽوريا روڊ تي پوسٽ آفيس جي سامهون وڏو بوڪ اسٽال هوندو هو. ان کان اڳيان ٿامس اينڊ ٿامس جو ڪتابن جو دوڪان موجود هوندو هو، جيڪو اڄ به موجود آهي. صدر ۾ ڪيپيٽال بوڪ اسٽال به مشهور هو، جتي انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا وڪري لاءِ موجود هوندا هئا.

وڪٽوريا روڊ تي جبيز هوٽل آهي، جتي اڪثر نسيم کرل اچي ترسندو هو ۽ قيمتي قلم سان چلڪڻي رائيٽنگ پيڊ تي شاهڪار ڪهاڻيون تخليق ڪندو هو. تاج بلوچ جي معرفت ان سان به رهاڻيون رچائڻ جو موقعو ملندو هو. تاج بلوچ جو نالو قلم جي نوڪ تي اچي ويو. هي باغ بهار شخص وڪٽوريا روڊ تي، سنڌين جي واحد بچي ويل بلڊنگ، راڪ ڪورٽ جي ڌڻي، دولت مهتاڻي جي رسالي ‘سوجهرو’ جو سنڀاليندڙ هو. اها ئي بلڊنگ اسان جهڙن سادڙن ۽ ڪوجهڙن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي. هتي ئي مولانا عبدالواحد سنڌي، شمشير الحيدري، اقبال جتوئي، پارس ارشاد، قربان جعفري، گل محمد کتري (جنهن سان پوءِ تاج بلوچ جا اختلاف ٿي پيا هئا)، نبي بخش کوسو ۽ ٻين سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ شاعرن سان مکا ميلو ٿيندو هو. هاڻ اهو زمانو گهڻو پوئتي هليو ويو هو.