سياست آھي ھارپو نه تهہ ڪياست ٿي ويندي

0
59
سياست آھي ھارپو نه تهہ ڪياست ٿي ويندي

 مون کي اھا ڳالهه اڃا سمجهه ۾ ناھي ايندي ته اسان سڀ گڏجي ان ڳالهه تي احتجاج ڇو نه ٿا ڪريون ته اسان جي يونيورسٽين مان “پوليٽيڪل سائنس” جا ڊپارٽمنٽ بند ڪيا وڃن، جن مان اسان جا ٻار پڙهي عملي سياست ۾ پير ته نه ٿا رکن! اوھان ڪڏھن اھو غور ڪيو آھي ته گذريل ڏھاڪو سالن ۾ ڀلا ڪيترين اخبارن ۾ ڪيترين ملازمتن جا ڪيترا اھڙا اشتھار ڇپيا آھن، جن ۾ تعليم جي گهرج “پوليٽيڪل سائنس” ڏنل ھجي! ھاڻي سوچيو ته جنھن تعليمي سند جي مارڪيٽ ۾ کپت ئي نه ھجي ته اھڙي اجائي تعليم ڏجي به ته ڇو؟ ھا پر ڪنھن ووڪيشنل ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ “ڇولا کپائڻ” جي ضرور سند ھجڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ھڪ برک سياستدان سنڌ جي نوجوانن کي ڏس ته ڏئي ويو. ڀلا ائين ٿئي به ڇو جڏھن بس اسٽاپن کان ويندي شھرن يا ڳوٺن جي عام رواجي ھوٽلن ۽ حجامن جي دڪانن تي اھو لکرايل ھجي ته: “ھتي سياسي گفتگو ڪرڻ منع آھي”. تڏھن اھا ڳالهه پڪ سان سمجهي وڃي ته ھتي سياست تي ڳالهائڻ ڪنھن ايري غيري نٿو خيري کي نه ٿو جڳائي.

ڀلا ان حقيقت کي به اسان مڃڻ لاءِ ڇو نه ٿا تيار ٿيون ته ھتي سياست ھاڻي سائنس نه پر گادي نشينيءَ جيان ھڪ مسند ٿي وئي آھي، جنھن جو سڄو تاڃي پيٽو سوين سالن جي ارتقا باوجود اڄ به اسان وٽ “بيعت جي سرشتي” وانگي ھلي پيو، جنھن تي ڪرڙي اک رکڻ ته پرتي پر ٿورڙي به ٽيڪاٽپڻي ڪندڙ جي حياتي ئي خطري ۾ اچي وڃي ٿي پر لطيفو اھو آھي ته مٿين حالتن ھوندي به اسان جي يونيورسٽين ۾ سياست سائنس ڪري ئي پڙهائي وڃي ٿي.

ھاڻي مزي جي ڳالهه ته ھڪ پاسي اھا نام نھاد سياست مسندي گاديءَ جيان آھي پر ٻئي پاسي پاڻ سڀني کي ان کان وٿيرڪو ڪرڻ لاءِ ان ۾ منافقت ملائي سياست جو تصور اھڙو ته گندو ڪيو ويو آھي، جو ڪو “ايرو” ڪنھن “غيري” سان ڪا ٺڳي ڪري ته ھو دانھن ڏيندي ٻين کي چوندو: “ايري کي ڏسو ٿا ته ھو مون سان ڪيئن ٿو سياست ڪري!” عجب اھو آھي ته مٿين تصور جي تبديليءَ کان اڳ يعني ڪي ست يا اٺ ڏھاڪا پھريون اسان جي ڳوٺن ۽ پاڙن کان شھري راڄ ڀاڳ کي سنڀاليندڙ ڪي معزز چڱا مڙس ئي ته ھئا، جيڪي فھميدي سياست ڪندا ھئا. اھي چڱا مڙس وڏيرا به ھئا ته اسڪولي استاد به ھئا. ريلوي جا اسٽيشن ماستر ھئا ته ويڄ طبيب به ھئا. بعد ۾ جن سڀني نيڪ نامن کي ڀتين سان لڳائي اتي جڳاڙي قسم جا ڀاڙي تي بيٺل ليڊر ٺاھيا ويا، جن کي پوليس جي جمعدار يا صوبيدار جي طاقت ملائي راڄن مٿان ٿاڦيو ويو. کين تپيدارن جي مدد سان زرعي زمينن ۽ رھائشي پلاٽن جون ورھاستون ڪرڻ جو اختيار ڏئي وڌيڪ طاقتور ڪري کين راڄ ھلائڻ ڀرو ڪيو ويو.

اھا منافقاڻي روش ڪا گهڻي پراڻي ناھي پر اسان وٽ ستر ۽ اسيءَ وارن ڏھاڪن ۾ پوليو جي قطرن جيان اسان کي پيئاري وئي ھئي! جنھن ۾ تمام وڏي پلاننگ سان پھريون ته اسان جي تصورن کي گدلو ڪيو ويو ھئو. اسان جي سچن کي ڪوڙ ۽ ڪوڙن کي نام نھاد “جديد سچ” ۾ ڪري ڏيکاريو ويو ھئو. ھيءَ رُڃ جيان جيڪا حالت آھي، ان ۾ ڏاڍين ڌرين اسان جي زندگين مان سياسي رومانس نپوڙي سپوڙي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، جنھن ۾ ھڪ سرابي قسم جي سياسي طاقت جو مرڪز وري به ساڳين طاقتور ڌرين پاڻ وٽ سنڀالي رکيو، جن اسان جي ووٽن تي نه پر پوسٽ ماڊرنزم جي نون طور طريقن سان اقتدار تي ويھي اسان جي تصورن کي وڊيو گيم جيان کيڏي تبديل ڪري ڇڏيو. اوھان ھنن جي طريقيڪار کي سمجهڻ لاءِ رياضيءَ جي مشقن جيان محنت نه ڪندا پر ٿورڙو به غور ڪري ڏسندا ته ھنن پھرين پھرين حقيقي سياستدانن مٿان ھٿ ٺوڪيا ڪوڙا ڪيس لڳائي کين جيلن ۾ بند ڪيو، ڦاسيون ڏئي مارايا ويا ۽ تن جي جڳھ تي ھڪڙا ھٿراڌو ڊمي سياستدان ٺاھي اسان مٿان مڙهيا. جن ڪاڪڙن ڦاڙ نعرا ۽ لالچن جا ٽوڪرا کڻي سماج ۾ نئين قسم جا محرڪ آندا.

ان سڄي عمل کي جيڪڏھن مان ھڪ نئون نالو ڏيان ته اھو آھي سياست جي نالي تي پوسٽ ماڊرنزم ۾ “ڪِياست”، جيڪو لفظ اوھان کي ڪنھن لغت ۾ ڪونه ملندو. جنھن ۾ اسان جا سماج طرف تصور مڪمل طور تي ملياميٽ ڪيا ويا ھئا. اڳي اسان جي مسيتن جو مُلو راڄ ڀاڳ جي ماني ڳڀي تي پلجندو ھئو، جنھن کي ٻاھرين ڪمڪ جيان ھٿي ملڻ لڳي ۽ ھو لائوڊ اسپيڪر جو استعمال ڪندي جديد طرز جا نجڪاري فرقا ٺاھي اسان کي اڪسائڻ لڳو. اڳي ھو اسان تي انحصار ڪندو ھئو پر ھاڻي اسان ان تي انحصار ڪرڻ لڳاسين. ھو چوندو ڦلاڻو دين کان نڪري ويو ۽ اسان پاڳلن جيان ان اڌرمي انسان کي مارڻ لڳي وياسين. ھڪ مزي جي ڳالهه جيڪا اسان ان ھڻ ھڻان ۾ وساري ويٺا سين ته جيڪي ڌرم اسان جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ آيا، ھاڻي اسان تن جي ڀلائيءَ ۽ سڌاري ۾ لڳي وياسين. پوءِ جڏھن ائين ٿيڻ لڳو ته “ڪياست” مسيتن جي مُلن پاران به اسان کي وظيفن جيان ملڻ لڳي، جنھن پويان اسان ڪاھي پئي جھڙوڪ الوھي ڪم ڪرڻ لڳي وياسين.

ان “ڪياست” کي ٿاڦڻ لاءِ ڏاڍين ڌرين ميڊيائي چڪاچوند واري اسڪريني ھٿيار کي استعمال ڪندي غير نامياتي ثقافتون جيڪي اسانجي سماج سان ڪنھن به ريت نه پيون ٺھڪن پر تن کي رنگين ترين بڻائي ۽ جديد ثقافت جو نالو ڏئي کين ھر ھر ڏيکاري اسان جي صدين تي قائم نامياتي ثقافت کي خوار ڪيو ويو. مٿان وري اين جي اوز کي متعارف ڪرائي کين وڏا وڏا فنڊ ڏئي اسان ماڻهن کي اھو سمجهايو ويو ته ھي اسميبلين جا ميمبر اسان جا ڪي به ڪم نه ڪندا، تنھن ڪري اچو ته پاڻ پنھنجا اسڪول ۽ پنھنجون اسپتالون ٺاھيون. ٻي معنا ۾ ته سياست کي ڇڏيون، اچو ته پنھنجو سماج پاڻ جوڙيون.

ڏاڍين ڌرين وري جمهوريت کي ايترو ته مھانگو ڪري ڇڏيو جو ھڪ مڊل ڪلاسي ماڻهو اسيمبلين تائين پھچڻ جھڙو ئي نه ھجي. لکين ماڻهن تي ڇڙو ھڪ ميمبر جو تڪ ٺاھي، اليڪشني تڪ وڏا ڪيا ويا، مقصد صرف ھڪ ئي رکيو ويو ته سياست جون مسندون جيڪي قائم آھن، سي ئي دائم رھي سگهن، جن ۾ ڪو مڊل ڪلاسي جيڪڏھن اچي به ته کيس شرطن شروطن سان آندو وڃي، نه وري اھو عام ماڻهن جي ووٽن تي اچي سگهي.

ڪياست جي مسندي ميمبريءَ ۾ وري جيڪي آندا ويا، تن کي ايتري ته ڇوٽ ڏني وئي، جو ھنن ڪاري اڇي کي پنھنجو ڪري فنڊ کائڻ لڳا ۽ ڏاڍين ڌرين جو مرڪز جڏھن مناسب سمجهي تڏھن تحرڪ ۾ اچي سڀني سياستدانن مٿان ڏنڊو کڻي بيھي ته ھاڻي احتساب ٿيندو ۽ پوءِ سڄي قوم سامهون “صرف اسان ئي اوھان سان سچا آھيون” چئي اھو ثابت ڪري ته اوھان جا چونڊيل سياستدان چور، ڦورو ۽ ٺڳي باز آھن ۽ انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ بس اسان ئي اوھان جا حقيقي خادم آھيون ۽ پوءِ اھي آقا پنھنجي نام نھاد احتساب لاءِ دوربين کڻي ماڻهن آڏو بيھندا ته ڏسو اسان ڪيڏا ته شريف آھيون ۽ سياستدانن لاءِ وري خوردبين کڻي بيھندا ته ڏسو ھنن ڇا ڇا نه ڪيو آھي اوھان سان! ۽ ائين پاڻ سڀ سياست جي نالي تي اڄ “ڪياست” کي ڀوڳي رھيا آھيون، جيڪا پوسٽ ماڊرنزم جي پيداوار آھي. پر حقيقي ماتم اڃا ھڪ ٻيو آھي، جڏھن اسان اھو ڏسون ته مٿين ڪياست واري ڌپ ڏياريندڙ ماحول ۾ ڪا ڌر “حقيقي سياست” جو نعرو ھڻي اپاھج فردن لاءِ مسيحا بڻجي ظاھر ٿئي ۽ اڻڀن چھرن وارا ماڻهو ان کي پنھنجو مسيحا سمجهي ڪڍ لڳي پون، نوان نعرا سرجن، نوان خواب اُڻيا وڃن، ڏاڍين ڌرين سان مھاڏو اٽڪائڻ جا پڪا پھ ڪجن پر اھا ابدال ٻار جيان مسيحائي ڌُر مقابلي ۾ اڳتي نه آندي وڃي ۽ وري اھا پاڻ ڪنھن ڪنڊ پاسي ٿي وري انتظار ڪري ته مٿين ڀيري مقابلو ڪبو! ان جو ازم موسمي سرگرمين تائين محدود ٿي وڃي ۽ اھا ڳالهه وساري ڇڏي ته حقيقي سياست “ھارپي” جيان ٿيندي آھي، جنھن ۾ ٻني کيڙجي ٿي، پاڻي ڏجي ٿو، ٻج ڇٽجي ٿو، اجايو سجايو گاھ گند ڪڍجي ٿو، پوري سيزن جهار ھڪلي سنگن کي بچايو ويندو آھي، تنھن بعد ئي ھاريءَ کي اپت ملندي آھي. اتفاق سان جيڪڏھن ڪا آنڌي، ماڪڙ، ٻوڏ يا برسات فصل برباد به ڪري ڇڏي پر ھاري ٻنيءَ تي محنت ناھي ڇڏيندو، ڇو ته ھو ڄاڻندو آھي ته ڪرت کانسواءِ ھاري ھاري نه پر ماري ٿي ويندو، بلڪل ائين جيئن سياست سائنس نه پر مسندي ڪياست بڻجي ويندي آھي، جنھن جو اڄ يا سڀاڻي انت اچڻو ئي آھي.

[email protected]