ايران، امن ۽ اسرائيل

0
35
ايران، امن ۽ اسرائيل

 آمريڪا کي اطلاع ھئا. اسرائيل کي ته پوري پڪ ھئي. علائقي جي عرب ملڪن توڙي ايران جي مزاج کان آگاھ عالمي مبصرن جو به اھو خيال ھو ته ايران اسرائيل کي ان حملي جو جواب ضرور ڏيندو، جيڪو ھن دمشق ۾ ايران جي سفارتخاني تي ڪيو. ايران ڪڏھن به پنھنجي مٿان بدلي جو قرض پراڻو ٿيڻ نه ڏنو آھي. جڏھن ايران جي جنرل قاسم سليمانيءَ کي آمريڪي حملي ۾ قتل ڪيو ويو ھو ته ايران ڪجھ وقت کان پوءِ ان جو به بدلو ورتو. قاسم سليمانيءَ کي بغداد ايئرپورٽ تي 2020ع جي پھرئين مھيني يعني جنوريءَ جي 3 تاريخ تي قتل ڪيو ويو ھو ۽ ايران پنھنجي قومي ھيرو کي دفنائڻ ۽ قومي سوڳ ملھائڻ بعد صرف چار ڏينھن گذاري، پنجين ڏينھن تي عراق اندر ئي آمريڪا جي ھوائي فوج جي ٺڪاڻي مٿان ميزائل وسايا ھئا. جڏھن آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبر آھي ته ايران پنھنجا بدلا ھر صورت ۾ پاڙيندو آھي ته پوءِ ھن سان ھٿ اٽڪائڻ ۽ ھن جي ماڻھن ۽ ماڳن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو مطلب جيڪڏھن خطي ۾ خطرناڪ صورتحال کي وڌائڻ ناھي ته ٻيو ڇاھي؟

                 دمشق ۾ جيڪو حملو ايران جي سفارتخاني مٿان ٿيو، ان جي جواب ۾ ايران اھو به چيو ھو ته اسرائيل جا سفارتخانا به محفوظ رھي نه ٿا سگھن. پر ايران اھو نه ڪيو. جڏھن ته ايران جي لاءِ اسرائيل جي سفارتخانن کي ٽارگيٽ ڪرڻ آسان به ھو. ھڪ ته ايران پراڪسي جنگ جو نه رڳو تجربو پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نيٽ ورڪ به رکي ٿو. پر جيڪڏھن ايران ڪنھن به مسلمان ملڪ ۾ اسرائيل جي سفارتخاني مٿان حملو ڪري ھا ته اھو ملڪ اھڙو حملو پنھنجي مٿان سمجھي ھا. جڏھن ته دنيا جا ٻيا مسلمان ملڪ به اھڙي حملي سبب ايران جي مٿان تنقيد ڪن ھا. اھڙي طرح ايران جي اڪيلائي جا امڪان پيدا ٿي پون ھا. ان ڪري ايران اسرائيل کي ڪنھن ٻي ملڪ ۾ نشانو بڻائڻ جي بدران ھن مٿان سڌو سنئون حملو ڪيو. ظاھر آھي ته اھڙي حملي کان پوءِ اسرائيل جي شھرين کي به تشويش ٿي آھي ۽ ڀرپاسي وارن ملڪن کي محسوس ٿيو آھي ته جيڪا باھ وچ اوڀر جي مرڪزي ماڳ يعني فلسطين ۽ خاص طور تي فلسطين جي مظلوم شھر غزا ۾ ٻري رھي آھي، اھا پوري خطي ۾ نه ڦھلجي وڃي. ان ڪري اھي به اسرائيل کي پنھنجي امن جي حد ۾ رھڻ جي تاڪيد ڪن ٿا. جڏھن ته ايران جي مٿان ڪنھن به ملڪ کي تنقيد ڪرڻ جو ڪو به اخلاقي حق حاصل ناھي. ڇو ته ايران اسرائيل تي حملي ۾ اڳرائي نه ڪئي آھي. ايران ته اسرائيل جي حملي جو صرف جواب ڏنو آھي. پر اھو جواب ڪيترن کي مسلمان ملڪن جي بزدل ڊپلوميسيءَ جي لاک لاھي رھيو آھي. ڇو ته ڊڄڻ ۽ ڊپلوميسيءَ سان ھلڻ ٻه الڳ ڳالھيون آھن.

ايران جڏھن پنھنجي حڪمران رضا شاھ خلاف انقلاب آندو ھو، تڏھن آمريڪا سان ھن جي سڌي ويڙھ ھئي. ان ڪري ايران ۾ آمريڪا جو سفارتي عملو ڪيترا ڏينھن يرغمال به رھيو. پر ان واقعي کي چار ڏھاڪا گذري چڪا آھن. ان وچ ۾ ڪيترائي لاھا چاڙھا به آيا آھن. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڪجھ موڙ اھڙا به آيا آھن، جو دنيا کي محسوس ٿيڻ لڳو آھي ته ڪالھ جا دشمن اڄ جا دوست پيا ٿين. دنيا کان اھي منظر اڃان نه وسريا ھوندا ته جڏھن آمريڪا ايران جي فريز ٿيل اڪائونٽ بحال ڪرڻ ۽ ايراني ناڻو واپس ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو ته تھران سميت ايران جي ڪيترن ئي شھرن ۾ گاڏين جي درين مان آمريڪا جا جھنڊا به جھولايا ويا ھئا ۽ جيڪڏھن ان سلسلي ۾ اسرائيل کي ڪي تحفظات ھئا به، آمريڪا ايران ۽ اسرائيل ويجھڙائيءَ کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ به ڪي اپاءَ وٺي ٿي سگھيو. جيڪڏھن مصر اسرائيل سان ٺاھ ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن ترڪي اسرائيل کي تسليم ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن تازو يو اي اي ۽ قطر اسرائيل سان سفارتي تعلقات قائم ڪري سگھن ٿا. جيڪڏھن سعودي عرب اسرائيل جي ويجھو ايندي ايندي تر تان گسي سگھي ٿو ته پوءِ ايران ڇو نه؟ ھونءَ به اسرائيل سان اصل دشمني عربن جي آھي. جڏھن ته ايران ۽ عرب تاريخ ۾ ھڪ تلخ تضاد به رھيو آھي. ايران مٿان عربن جي حملي کان وٺي ھن وقت تائين اھو تضاد ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ پنھنجو اظھار ڪندو به رھيو آھي. پر ايران ائين ڪڏھن به نه ڪيو آھي ۽ ايران جي حوالي سان ھن جا دوست ڇا پر دشمن به مڃيندا ته ايران اھڙو ڪو ڪسو ڪم نه ڪندو، جو آمريڪا آڏو گوڏا کوڙي ڇڏي ۽ اسرائيل کي ڀاڪر ۾ ڀري. ايران جا قومي مفاد ايترا ويڪائو ۽ ايترا حقير ناھن.

ايران ھڪ باوقار ملڪ رھيو آھي. ھو صرف ھڪ قوم ناھي. ھو صرف ھڪ تاريخ ناھي. ايران تھذيب رھيو آھي. ايران پنھنجي دور جي تمام وڏي امپائر رھيو آھي. ايران ڪڏھن به پنھنجو ڪنڌ جھڪائي، پنھنجي قومي وقار کي شرمندو نه ڪيو آھي. ايران پنھنجا اصول پنھنجن قومي مفادن تان قربان نه ڪيا آھن. ايران جو اصل قومي مفاد ھن جو قومي وقار آھي. جيڪو سخت ترين حالتن ۾ به پوري جوش ۽ جذبي سان ڳاٽ اوچو ڪري ھلندو رھيو آھي. اھا حقيقت آھي ته آمريڪي پابنديون آسان ڳالھ ناھن. جيڪڏھن ايران 43 سالن کان آمريڪا جون پابنديون قبول ڪيون آھن ۽ پنھنجي موقف ۾ تر جيتري تبديلي نه آندي آھي ته ان جي ايران کي تڪليف ۽ سھپ جي صورت تمام وڏي قيمت به ادا ڪرڻي پئي آھي. پر ان سان ايران کي ڏورس فائدو اھو ٿيو آھي ته ايران ھر حوالي سان پنھنجن پيرن تي بيھڻ جي قابل ٿي ويو آھي. ايران زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي. اڄ ايران صحت جي حوالي سان دوائن ۽ جراحت جي اوزارن ۾ آمريڪي پابندين سبب محتاجيءَ واري صورتحال ۾ ناھي. ھن وٽ پنھنجيون ڪارون ۽ پنھنجا ڪمپيوٽر ۽ ايٽمي قوت ٿيڻ جي قريب واري ٽيڪنالاجي به آھي، جيڪا ھن پنھنجي طور تي حاصل ڪئي آھي. آمريڪا ۽ يورپ جي اتحاد ۾ جيڪي وٿيون آھن، انھن وٿين مان ايران پنھنجي لاءِ گھڻو ڪجھ حاصل ڪيو آھي. ھو ھن وقت به دنيا جي جنھن بلاڪ ۾ شامل آھي، اھو آمريڪا جو مخالف ھوندي، ترقيءَ جي حوالي سان پنھنجي وس ۽ وسيلن وارو آھي. دنيا ۾ صرف آمريڪا ھر شيءَ جو مالڪ ناھي. جيڪڏھن روس سوشلزم جي خاتمي کان پوءِ به دنيا جي طاقتن ۾ شمار ٿئي ٿو ته ان جو سبب ان ملڪ جي پنھنجي تاريخ، تھذيب ۽ قومي وسيلن جي اميري آھي.

ايران آمريڪا جو دشمن ۽ روس جو دوست ملڪ آھي. ھن جا فرانس سان به تعلقات رھيا آھن ۽ ھو ڪيترن آمريڪا دوست ملڪن سان پنھنجي ڏيتي ليتي رکڻ وارو ملڪ آھي. پر ھن جھڙي طرح وچ اوڀر ۾ فلسطين، لبنان ۽ شام ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جي ظلمن جي مزاحمت ڪئي آھي، ان جي ھڪ ڊگھي تاريخ آھي. جنھن وقت فلسطين سان ھن جا ھم مسلڪ ۽ ھم زبان ملڪ بلڪه ھڪ قوم جي دعوا ڪندڙ عرب دنيا بيٺل ناھي ۽ ان ميدان ۾ ايران جا مجاھد غزا جي معصومن سان گڏجي تاريخي مزاحمت ڪري رھيا آھن ته اھڙو ڪردار تلاش ڪرڻ جي لاءِ اسان کي وچ اوڀر جو ڀرپور جائزو وٺڻ بعد به مايوسيءَ جو منھن ڏسڻو پوندو. ڇو ته آمريڪا جي داداگيري ۽ اسرائيل جي دھشتگرديءَ کي جيڪڏھن ڪنھن مسلمان ملڪ کلي طرح سان للڪاريو آھي ته اھو ايران آھي. جڏھن ته ايران جي لاءِ اڻ سڌي طرح سان سدائين پيشڪشون به رھيون آھن. ايران کي اھو به چيو ويو آھي ته اسان نئين تاريخ رقم ڪري سگھون ٿا. پر ايران جا پنھنجا عقيدا ۽ پنھنجا اصول آھن. ھو ڪنھن به قيمت تي پنھنجن اصولن تي سوديبازيءَ جو سوچي نه ٿو سگھي.دمشق واري واقعي کان پوءِ ايران جي جوابي حملي سبب دنيا الرٽ ٿي وئي آھي. ھن وقت ڪيترن کي دماغن ۾ ٽين عالمي جنگ جي گھنٽي وڄي رھي آھي، ڇو ته اسرائيل جي ھٺ ڌرمي ۽ غزا جي ماڻھن مٿان مسلسل حملا ۽ فلسطين جي ٻين شھرن ۾ انسانن مٿان فاسفورس جا ڦوھارا ۽ ميزائلن جا سڌا سٽڪا پوري انسان ذات لاءِ ناقابل برداشت ٿي رھيا آھن. دنيا جا اڪثر حڪمران ڪڏھن به جنگ نه چاھيندا آھن. ڀلي اھي ملڪ ايٽمي قوت ھجن پر انھن کي معلوم آھي ته جنگ جي قيمت ادا ڪرڻ آسان ناھي. پر اھا به حقيقت آھي ته پنھنجن ماڻھن جا تيور ڏسي حڪومتون جنگ جي ميدان طرف وڌڻ لاءِ مجبور ٿي پونديون آھن. اھڙا امڪان اسرائيل جي تازي قتلام کان پوءِ وچ اوڀر ۾ ته پوري شدت سان پيدا ٿي پيا آھن. وچ اوڀر صرف توانائيءَ واري تيل جي سرزمين ناھي، پر وچ اوڀر اسرائيلي وار ۽ آمريڪا جي ڪردار سبب سياسي طور تي به پيٽرول سان پسيل ڌرتي ٿي وئي آھي. ان امڪان کي ڪنھن به طرح سان رد ڪري نه ٿو سگھجي ته ڪو ميزائل ڪنھن وڏي جنگ جو ڀڀڙ ڀڙڪائڻ واري تيليءَ جو ڪردار ادا ڪري. ان حوالي سان صرف امير عرب ملڪ نه پر آمريڪا بلڪه اسرائيل پاڻ به تمام گھڻو ڊنل آھي. ڇو ته ھو ھن مھل تائين صرف ڪمزور ۽ لاوارث فلسطينن جي مٿان حملا ڪندو رھيو آھي. اسرائيل کي به احساس آھي ته ھي سٺ وارو ڏھاڪو ناھي، جنھن ۾ ڇھن ڏينھن جي اندر اسرائيل پوري عرب دنيا کي شڪست ڏئي سگھي ٿو. ھي جديد جنگي سائنس جو دور آھي. جڏھن جديد جنگي سائنس سان قديم جذبن جون قوتون به ملن ته پوءِ انھن جو سنگم ڪو وڏو خلم ٻاري سگھي ٿو.

ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ باقاعده جنگ جي امڪان کي نظر ۾ رکي چين ايران کي پرامن رھڻ جي اپيل ڪئي آھي. ايران جنگ جو دائرو ڪشادو نه ڪندو. ھن مٿان دمشق ۾ حملو ٿيو. ھن اسرائيل کي سڌو جواب ڏنو. جيڪڏھن اسرائيل ايران جي مٿان ٻيون وار ڪيو ته ايران حسب روايت ان جو جواب به ڏيندو. ڇا اھڙو سلسلو ڪنھن مھاڀاري جنگ طرف نه ويندو؟ امن جا احسان پنھنجي جاءِ تي پر جنگ جا امڪان رد ڪرڻ آسان ناھن.