اپريل ۾ برسات پوندي آهي، انتظام سخت ڪيا آهن: وڏو وزير

0
60

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اقتدار ۾ اچي طاقت جو غلط استعمال ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين سياست بدران طاقت جو استعمال ڪري پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا

، ڀان سيد آباد ڀرسان پنهنجي اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني پھريون وزيراعظم ھو، جنهن کي جمھوري طريقي سان بي اعتمادي  ووٽ ذريعي ھٽايو ويو ميڊيا تي ٻڌي رهيو آهيان ته پي ٽي آءِ باني جلد ٻاهر اچي رهيو آهي

هن چيو ته جيڪڏهن عدالت مان کيس رليف ملي ٿو ته ڀل ملي، اسان  کي ڪو اعتراض ناهي، اپريل ۾ برسات پوندي آهي، سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي، منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ ڪو فزيبل پلان جوڙي ان تي عمل ڪرايو ويندو