اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

0
227
اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، سپريم ڪورٽ کي 4 اپريل واري پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن پاران درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ واري پنهنجي غلطي درست ڪري

 اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو عدليه کي اختيار حاصل نه آهي، آئين ٺاهيندڙن عدليه کي اهو اختيار نه ڏنو آهي ته اها چونڊن جي تاريخ ڏئي

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته  سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي طئي ٿيل قانون کي تبديل ڪيو، ان ڪري سپريم ڪورٽ غلطي کي درست ڪندي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چئي چڪو آهي ته عدالت پنهنجو 4 اپريل وارو فيصلو واپس نه وٺندي

هي به پڙهندا

عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته عبوري ضمانت رد ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ