ڳڙهي خيري ۾ جوابدار طرفان سالي کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جي ڪوشش

0
248
ڳڙهي خيري ۾ جوابدار طرفان سالي کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جي ڪوشش
ڳڙهي خيري ۾ جوابدار طرفان سالي کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جي ڪوشش

ڳڙهي خيرو (رپورٽر) ڳڙهي خيري ۾ جوابدار طرفان پنهنجي ساليءَ کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جي ڪوشش ڪئي وئي

ڳڙهي خيرو ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار پاران ناري کي گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جي ڪوشش ڪئي وئي، زخمي کي اسپتال آندو ويو ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته محمد يعقوب فائرنگ ڪري حاڪمان  سيال کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي گولي  هڻي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، ناري جو لاش ۽ زخمي جوابدار کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدار جو چوڻ آهي ته هُن ساليءَ کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آهي، پوليس موجب جوابدار گرفتاري جي خوف کان پاڻ به آپگهات جي ڪوشش ڪئي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا

هي به پڙهندا

صالح پٽ ويجهو گهر اندر سُتل عورت گوليون هڻي قتل