اليڪشن ڪميشن امپورٽڊ حڪومت ۽ سهولتڪارن سان مليل آهي: عمران خان

0
192

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن امپورٽڊ حڪومت ۽ سهولتڪارن سان مليل آهي

 پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن تي سخت تنقيد ڪندي پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته اها امپورٽڊ حڪومت ۽ سهولتڪارن سان مليل آهي

هن چيو ته پي ڊي ايم خوفزده ٿي اليڪشن کان ڀڄي رهي آهي، ووٽ هڪ جمهوري حق آهي ۽ پي ٽي آءِ پرعزم آهي