اسلام آباد ۾ اڄ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت عدالتي فيصلو چيلينج، اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي اعتراض

0
176
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس سينيٽر فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس سينيٽر فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن کانپوءِ وفاقي سرڪار به اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي سرڪار پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيلون داخل ڪرايون ويون آهن

وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان اسلام آباد ۾ اڄ مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن جي اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ايتري مختصر وقت ۾ چونڊون ڪرائڻ ممڪن نه آهي، پرزائيڊنگ آفيسرز ۽ پولنگ عملي جو انتظام نه ٿو ڪري سگهجي

وفاقي حڪومت به مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

وفاقي سرڪار پاران ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي، اپيل ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جو اڄ چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي