اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون: عدالتي حڪم بعد شهري ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پهتا

0
205

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري عدالتي حڪم بعد اڄ ڪيترائي شهري ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز تي پهچي ويا، پولنگ اسٽيشنز بند هئڻ تي ووٽرز قطار ٺاهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو

شهرين چيو ته عدالتي حڪم باوجود چونڊون نه پيون ڪرايون وڃن، اليڪشن ڪميشن چونڊن کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، صبح کان ووٽ ڏيڻ لاءِ بيٺا آهيون پر پولنگ اسٽيشنز بند پيل آهن

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اڄ ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انوکو واقعو پيش آيو، صبح کان ووٽرز، پولنگ ايجنٽ ۽ عوام پولنگ اسٽيشن ٻاهران بيٺل رهيا، پر پولنگ اسٽيشنز بند رهيون

پنهنجي بيان ۾ اسد عمر چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران تياري نه ڪرڻ وارو جواز نه ٿو ٺهي، حڪومت عوام کان ڊنل آهي، ان ڪري مختلف بهانن سان اليڪشن کان ٻڄي رهيا آهن

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ توهينِ عدالت آهي، عدالت اهڙِي اليڪشن ڪميشن کي فارغ ڪري