پشاور (م ڊ) پشاور ۾ الائونس ڪٽڻ خلاف سرڪاري يونيورسٽين جا استاد روڊن تي نڪري آيا، احتجاج، پوليس جي لٺبازي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪري ڇڙ وڇڙ ڪيو. ڪي پي ڪي جي سرڪاري يونيورسٽين جي استادن پگهارن مان ڪٽيل الائونسز واپس ڪرڻ ۽ صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙڻ لاءِ پشاور ۾ سخت احتجاج ڪيو، جڏهن ته پوليس مظاهرين تي ڪڙپي پئي، آنسو گيس جي شيلنگ ڪندي لٺبازي ڪري ڏني، اهلڪار 10 کان وڌيڪ مظاهرين کي پڻ کنڀي ويا، مظاهرين خيبر روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري گاڏين جو قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ايس ايس پي آپريشن ياسر آفريدي جو چوڻ آهي ته مظاهرين جي ڇڙ وڇڙ ٿيڻ جي خيبر روڊ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار ڪامران بنگلش جو چوڻ آهي ته وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪامران بنگش چيو ته استادن مٿان تشدد تي ڏک ٿيو، استادن احترام لائق آهن. ٻئي طرف جي يو آءِ سربراهه ۽ مولانا فضل الرحمان ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پشاور ۾ استادن تي تشدد جي مذمت ڪندي واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي.