ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ناڻي کاتي مان تازو رٽائرڊ ٿيل ڪاموري کي نوازڻ لاءِ ڊائريڪٽر آڊٽ جي نئين پوسٽ پيدا ڪئي وئي، ڊائريڪٽر آڊٽ جي پوسٽ لاءِ عمر جي حد 62 سال مقرر ڪري رٽائرڊ آفيسر جي قابليت واريون شرطون رکيون ويون آهن! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب تجويز ڪيل شرطن هيٺ آڊٽ ۾ 20 سالن جو تجربو رکندڙ ڪو ٻيو ڪامورو اهل ٿي نٿو سگھي. ڄاڻ موجب ته ڪجهه وقت اڳ ناڻي کاتي جي لوڪل فنڊ آڊٽ مان رٽائرڊ ٿيل ڪاموري عارف رضا کي ان عهدي تي مقرر ڪرڻ لاءِ اها پوسٽ پيدا ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي کاتي پاران نئين پوسٽ لاءِ ڏنل اشتهار ۾ اهو شرط به لاڳو ڪيو ويو آهي ته درخواست اماڻيندڙ اميدوار ايس اي ايس جو امتحان پڻ پاس ڪيل هجي.