عرفان خان جي ڏنل عيدي اڄ به مون وٽ موجود آهي: صبا قمر

0
394

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره صبار قمر مرحوم ڀارتي اداڪار عرفان خان کي ياد ڪندي چيو ته ان جي ڏنل عيدي اڄ به مون وٽ موجود آهي، هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صبا قمر مرحوم عرفان خان سان گڏ گذاريل وقت کي ياد ڪيو، مزبان اداڪاره جي انسٽا گرام تي موجوب هڪ تصوير جي حوالي سان پڇيو، جنهن تي هن چيو ته هي ان وقت جي آهي جڏهن فلم هندي ميڊيم جي شوٽنگ دهلي ۾ جاري هئي ۽ ان دوران عيد الاضحيٰ اچي وئي، صبا قمر جو چوڻ آهي ته گهر کان ٻاهر اها منهنجي پهرين عيد هئي، مان عرفان کي چيو ته مون کي عيدي کپي، جنهن تي هن مون کي عيدي ڏني جيڪا اڄ تائين مون وٽ موجود آهي.۔