ڪنڊيارو/محبت ديرو (نمائندن وٽان) محبت ديرو لڳ ڳوٺ ڀونئرن ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا. محبت ديرو جي ڳوٺ ڀونئر ۾ ڳوٺاڻي مدثر ڀونئر جي گھر جي ڀت ڪرڻ سبب سندس ھڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئرون دٻجي فوت ٿي ويون، فوت ٿيل ٻارن ۾ 5 سالن جو غلام دستگير، 7 سالن جي آشيا ۽ 8 سالن جي ريحانا شامل آھن. ڳوٺاڻن جي مدد سان فوت ٿي ويل ٻارن جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا. ھوڏانھن ٻارن جا لاش ڏسي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. جڏھن ته والدين کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا.