اعظم سواتي جي پٽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي عدم اعتماد وارو خط واپس وٺي ڇڏيو

0
320
اعظم سواتي جي پٽ چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تڪراري ٽويٽ ڪيس ۾ گرفتار اعظم سواتي جي پٽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي خلاف بي اعتمادي جي اظهار وارو خط واپس وٺي ڇڏيو آهي

اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران عثمان سواتي چيو ته منهنجي والد هڪ خط لکيو هو، عدالت جي اجازت سان خط پڙهڻ چاهيان ٿو

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته خط عدالت جي آڏو موجود آهي، هن معاملي کي هميشه لاءِ طئي ڪرڻ چاهيون ٿا، ان تي لارجر بينچ جوڙينداسين

اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته مون درخواست ڪئي آهي ته اهو خط واپس ورتو وڃي، اعظم سواتي جي پٽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي بي اعتمادي جي اظهار وارو خط واپس وٺي ڇڏيو،

عدالت سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

اعظم سواتي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان رياستي ادارن خلاف مهم هلائي:عدالت