باجوه نيٽ ورڪ اڃا به فعال آهي، ايم ڪيو ايم کي ٻيهر متحد پيا ڪن: عمران خان

0
187
نئين آرمي چيف سان ڪا به

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوه آخري ملاقات ۾ چيو هوته اوهان پلي بواءِ آهيو، مون جواب ڏنو هاءِ آئون پلي بواءِ رهيو آهيان. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڊونلڊ لو کي پاڪستان مان سبق پڙهايو ويو

آمريڪا ۾ ٽرمپ حڪومت تاريخي استقبال ڪيو. عمران خان چيو ته اسان جي پنجاب اسيمبلي جي ٽن ميمبرن کي اعتماد  جي ووٽ لاءِ اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل رهڻ جو چيو ويو، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي گڏ ۽ باپ کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪرايو پيو وڃي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا بابت عمران خان چيو ته باجوا مُلڪ لٽيندڙن جي احتساب جي خلاف هو، انڪري هُن سان لاڳاپا خراب ٿيا، آمريڪا ۾ حسين حقاني کي باجوه لابنگ لاءِ هائير ڪيو

حسين حقاني منهنجي خلاف ڪمپنين ۽ جنرل باجوه جي مشهوري ڪندو رهيو، باجوا آخري ملاقات ۾ مون کي چيو ته اوهان پلي بواءِ آهيو، مون جواب ڏنو ته ها آئون پلي بواءِ رهيو آهيان، باجوه پٺي ۾ ڇرو هڻي همدردي جو اظهار به ڪري رهيو هو

عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۾ اڃا تائين باجوه جو سيٽ اَپ ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جو نالو هڪ ماڻهو جو آهي، ملڪ تڏهن هلندو جڏهن فوج ۽ سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي هونديون. پي ٽي آءِ چيرمين چيو ته اسيمبلين ۾ وڃي ڇا ڪنداسين؟ ڪو فائدو ناهي، ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿين ۽ پائيدار حڪومت ٺهي، شفاف چونڊن سان ملڪ ۾ استحڪام ايندو، اسٽيبلشمينٽ معيشت سميت سڀني بحرانن مان نڪرڻ لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو کي افغانستان بابت ڪا ڄاڻ ناهي، موجوده افغان سرڪار سان بهترين لاڳاپا هئا، دهشتگردي کپائي ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا، مشرف به ائين ڪيو هو، مشرف جي اهڙي قدم سبب 80 هزار انساني جانيون جو نقصان ٿيو. تحريڪ انصاف چيئرمين وڌيڪ چيو ته فوجي آپريشن جي سدائين خلاف رهيو آهيان، مون وزيرستان آپريشن خلاف هميشه آواز اُٿاريو، فوجي آپريشن سان هڪ مسئلو حل ۽ 100 مسئلا پيدا ٿيندا آهن

هي به پڙهندا

مايوس ڪندڙ صورتحال باوجود 2023 جي اليڪشن تحريڪ انصاف ئي کٽيندي: عمران خان