مايوس ڪندڙ صورتحال باوجود 2023 جي اليڪشن تحريڪ انصاف ئي کٽيندي: عمران خان

0
258

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مايوس ڪندڙ صورتحال باوجود 2023 جي اليڪشن تحريڪ انصاف ئي کٽندي، سال 2022 ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ واري حڪومت کي هٽائي ملڪ کي ڏوهارين جي حوالي ڪيو ويو

 

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نئين سال جي آمد جي موقعي تي انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏوهارين جي ٽولي ملڪي معيشت کي پٽ پڌر ڪري ڇڏيو، سال 2022 ان حوالي سان بهترين سال رهيو جو هن سال دوران مون پاڪستانين کي هڪ قوم بڻجندي ڏٺو

سال 2022 هڪ وقت ۾ بهترين ۽ بدترين هو، هڪ سازش تحت معاشي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ حڪومت کي هٽايو ويو ۽ ڏوهارين جي هڪ گروهه کي حڪومت ڏني وئي

 

عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن جي گڏ ٿيڻ باوجود تحريڪ انصاف ضمني چونڊن ۾ 75 سيڪڙو ڪاميابي ماڻي، پي ٽي آءِ 2023 ۾ چونڊن ذريعي هڪ مضبوط حڪومت قائم ڪندي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 2022 جي حوالي سان لکيو ته هي سال بهترين ايئن هو ته ان دوران مون پاڪستاني قوم کي گڏ ڪيو، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي گڏ ڪري تحريڪ انصاف خلاف بيهاريوويو، مايوس ڪندڙ صورتحال باوجود ايندڙ اليڪشن کٽينداسين

هي به پڙهندا

نئين سال جي شاندار آجيان، آتشبازي ۽ هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ 19 ڄڻا زخمي