اشو آف دي ڊي شيخ اياز جي ورسي، سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

0
400
اشو آف دي ڊي شيخ اياز جي ورسي، سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

 مهان ڪوي شيخ اياز جي ورسي موقعي تي سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس شاعري شيئر ڪئي وئي. ٽربيٽوٽ ٽو شيخ اياز هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ سحر شاهه شيخ اياز جي ٺاهيل تصوير شيئر ڪندي سندس شعر به لکيو ته ماڻهو مِٽيءَ مان ٺهي، مٽيءَ کي ٺاهي، ڏِٺي تو ناهي، شايد ڪار ڪُنڀار جي!. رجب بوزدار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي 24 هين ورسي ملهائي وئي، ڀٽ شاهه جي ڪراڙ ڪپ تي شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي گلن جون چادرون چاڙهي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، يوسف ڪرناڻي به شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي، محمد يقعوب بروهي شيخ اياز جو شعر پوسٽ ڪيو، فرحان سهتو پوسٽ شيئر ڪندي شيخ اياز جو شعر لکيو ته

‏وقت جيان مان وڃڻو آهيان،

وڃي وري ڀي ورڻو آهيان،

جيسين منھنجا گيت نه مرندا،

تيسين مان ڀي مرڻو ناهيان،

 نور سولنگي به شاعري شيئر ڪئي ته

هُو چون ٿا هيئن چئه

مان چوان ٿو ”ائين نه چوندس“

زندگي گُذري وئي ڪنهن جو ڪيو مون ڪو نه ڀئُه،

آگ جو مون ۾ اڃان تائين اُهو ئي آهه تئُه،

جا چوي ٿي ”جي پتنگ آهين ته مون ۾ پاڻ پئُه“

هُو چون ٿا هيئن چئُه

مان چوان ٿو ”ائين نه چوندس.

سعيد احمد ڀورچند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 28 ڊسمبر ،شڪارپور جي چيڪي مٽي مان جنم وٺندڙ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي وڇوڙي جو ڏينهن، اسان کيس سنڌ لاءِ ڪيل پورهئي تي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا، (ڇنين گل گلاب جا ڪيئي ڌارون ڌار، اڙي موت ميار!! ايڏو ساڙ سڳنڌ سان) زاهد گل مجيداڻو شيخ اياز جي وائي شيئر ڪئي ته

ڏونگر ڏولاوا گهڻا، پو به اهائي واٽ

متان موٽو ساٿيو!

ور ور پيرا پنڌ ۾، لڙيا، منجهه لڙاٽ،

متان موٽو ساٿيو!

ڪهه ۾ ڪاريون چوٽيون، گهگهه، هوا گهوگهاٽ،

متان موٽو ساٿيو!

اڀري ايندو اوچتو، جرڪي پوندي جاٽ،

آهي اهائي واٽ،

متان موٽو ساٿيو!

رئوف عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شيخ اياز ، جي ھمعصر شاعرن ۾ عبدالڪريم گدائي، نياز ھمايوني، تاج بلوچ، تنوير عباسي، شمشير الحيدري ۽ امداد حسيني اچي وڃن ٿا.  اياز جي شاعري ڳائڻ سان آگ لڳائي سگھجي ٿي، ۽ جھونگارجي ته رڃ ۾ رابيل ٽڙي سگھن ٿا، اياز ، تحقيق لاءِ ڪنھن انور فگار جو محتاج ناھي، نه وري ٻي ڪنھن سرڪاري درٻاري اديب جو، اياز  کي قومي دانشور عبدالواحد آريسر ايئن جھونگاريندو ھو جيئن مشرقي شاعري جا مداح عمر خيام کي، اڄ جي پيڙھي شاعري ۾ شيخ اياز جي اثر کان ناھي جدا. آصفه لغاري به شيخ اياز جي شاعري پوسٽ ڪئي، صوفي نورمحمد پالاري شاعري لکيو ته (روح کي ول جيان وڪوڙيو ٿئي، جيءِ سان جيءِ ڇا ته جوڙيو ٿئي)منظور احمد شاعري شيئر ڪئي ته

‏ تون جو مون کي ڪونه مڃندين،

مونکي ڪا پرواهه نه آهي،

‏آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،

‏جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي،

‏مونتي ميڙو مچڻو آھي.

حاجي علي اصغر ملاح لکيو ته سنڌ جو ڀلوڙ شاعر شيخ اياز جي 24 ورسي آھي، منھنجي ڊائري ۾ شيخ اياز  جي زندگي جي حوالي سان معلومات لکيل آھي اوھان دوستن سان شيئر ڪريان ٿو. شيخ اياز 2 مارچ 1923 ع شڪارپور ۾ ڄائو ڇٺي جو نالو شيخ مبارڪ علي ھو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ھو، ھن جو پھريون غزل ماھوار رسالي سندرشن ۾ 1938  ۾ ڇپيو،شاعري جو پھريون مجموعو ڀئونر ڀري آڪاش 1962 ۾ ڇپيو، 1980 ۾ لڙيو سج لڪن ڇپيو، ھن 1947-48 ۾ ايل ايل بي ڪري وڏي عرصي تائين وڪالت ڪئي، ھن کي 1965 ۾ سکر جيل ۾ رکيو ويو، 1968 ۾ ساھيوال جيل ۾ رکيو ويو جتي ھن ساھيوال جيل ڊائري ڪتاب به لکيو ،ڀوئر ڀري آڪاش جي ڇپجڻ سان وڏي شاعري جي مڃتا حاصل ڪئي، ڀٽو جي دور ۾ ھن کي 1976 ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو،ھن 4 سال پورا ڪيا،  شيخ اياز جا 55 ڇپيل ۽ 20 اڻ ڇپيل ڪتاب آھن ھن پنھنجي ادبي زندگي جو سفر 1941 کان افسانه نگار جي حثيت سان شروع ڪيو شيخ اياز 1994 ۾ برسات اخبار جو چيف ايڊيٽر پڻ رھيو، شيخ اياز 28 ڊسمبر 1997 تي دم ڌڻي حوالي ڪيو سندن وصيت مطابق لطيف جي نگري ۾ ڪراڙ ڍنڍ جي ڀرسان رکيو ويو ، شيخ اياز شاھه عبدالطيف ڀٽائي کان پوءِ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شاعر آھي. جڏهن ته رشيد مگسي، ديدار شاهه، هاورن رمضان ٿهيم، شمشاد علي ڪيهر، بلال گوپانگ، نعيم علي رند، جاويد اختر خاصخيلي، افضل حاجاڻو، شاهنواز سهتو، ياسين لانگاهه، رمضان چانڊيو،مجتبيٰ جوکيو، حمزا شيخ، گلشن لغاري، يوسف سيف، تاج رند، رزاق عاصي، حسن پٺاڻ،جميل ميمڻ،فوزيه سنديلو ۽ ٻين پڻ شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪندي سندس شاعري شيئر ڪئي.