سوال/سروي عوام پاران تبديلي سرڪار جي خاتمي بابت بلاول جي اعلان جي آجيان به ته مخالفت به

0
185
سوال/سروي عوام پاران تبديلي سرڪار جي خاتمي بابت بلاول جي اعلان جي آجيان به ته مخالفت به

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪندي چيو آهي ته 5 جنوري تي لاهور ۾ حڪومت جي خاتمي جو پلان جوڙينداسين، ڊيل تي يقين نٿا رکون، پ پ چئيرمين جي اهڙي اعلان کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي ڪجهه ماڻهن بلاول جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته عمران خان جي حڪومت مان عوام بيزار ٿي چڪو آهي، ان مان ڇوٽڪارو ملڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهن وري اهو چيو ته بلاول رڳو ڳالهيون ڪري ٿو ٿيندو ڪجهه به نه، سنڌ جي ترقي جا انهن اعلان ڪيا هئا انهن جو ڇا ٿيو؟ سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اليڪشن ويجھي آھي ھاڻي اھڙيون خبرون اچڻ مطلب ھر ڪو پنھنجي تياري ڪندو باقي عام خلق جي زندگي اڃا به ڏکي ٿيندي حڪومت ڪنھن جي به ھجي پاڪستان وٽ ايترا وسيلا ئي ناھن جيتريون ھي سياستدان ٻٽاڪون ھڻندا آھن سبز باغ ڏيکاري ھر ڪو اقتدار ماڻڻ جي ڪوشش ۾ آھي،

خادم گهراڻو لکيو ته هر بار اهڙو شوشو ڇڏيو وڃي ٿو باقي هن دفعي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، اعجاز کوسو لکيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ان بيان جي حمايت ڪريون ٿا هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت کان عوام بيزار ٿي وئي، طارق حسين راڄپر لکيو ته هي صرف پنهنجي مفاد لاءِ ڪندا آهن هنن وٽ غريب عوام لاءِ ڪو به رليف ناهي، حيدر سهندڙو لکيو ته انشاءَالله هن عوام دشمن حڪومت کان ڇوٽڪارو ملندو، اپوزيشن کي متحد ٿيڻ گهرجي، فقير علي لکيو ته سرڪاري اسڪول سرڪاري زمينون سرڪاري پلاٽ ايم پي اي، ايم اين اي کائي ويا عمران جي حڪومت سنڌ حڪومت کان لک ڀيرا بھتر آهي، آصف علي راڄپر لکيو ته ھنن کان ڪير پڇي ته ھنن سنڌ جي ترقي جا جيڪي اعلان ڪيا  انهن اعلانن جو ڇا ٿيو؟ ھنن جا ھي به سکڻا اعلان رهندا پي ٽي آءِ جتان اڀري اتي ئي گهر ۾ دفن ٿي وئي، هاڻي پ پ سنڌ مان به تمام جلد ختم ٿي ويندي، آصف جوکيو لکيو ته اصل ۾ مٿين ڌرين جو نواز شريف سان ڳالهيون هلندڙ آهن، پر اهي اڃا ڪامياب نه پيون ٿين ان ڪري بلاول مٿين ڌرين کي اشارن ۾ چئي پيو ته اهي نٿا ٺهن ته اسان موجود آهيون اسان سان ڳالهايو،

نماڻو نوناري لکيو ته پي ڊي ايم وڏا جلسا ڪيا ڪجهه نه ٿيو هي ته ڪجهه به ناهي، علي دوسائي لکيو ته انهن بيانن کي فقط بيان ئي ٿا ڏسون محمد حنيف لکيو ته ٿي سگهي ٿو امپائر جو اشارو ھجي جي نه ته حڪومت پنهنجي مدت پوري ڪندي، وقاص ياسين آرائين لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، بشير ميراڻي لکيو ته پ پ جي چيئرمين جو اهڙو بيان ھوائي فائرنگ آهي، گذريل تيرنهن سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ آهن ،هن سنڌ ۾ ڇا ڪيو آهي، سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، وري وفاقي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان مطلب اقتدار کپي باقي عوام جي پرواهه ناهي، مسرور شر لکيو ته نيازي جا ھاڻ ڏينھن پورا آھن، غلام رسول راهمون لکيو ته ھنن جي ڳالهين ۾ لڳي پيو ته حڪومت پنهنجي مدت پوري ڪندي، علي مراد چانگ لکيو ته اهي ڳالهيون ڪرڻ لازمي هو ڇا؟ ڪاشف ڪنڀر لکيو ته ڪجھه ڪونهي اهو هر سال وارو قصو آهي هر سال اهو ڊرامو رچائن ٿا انهن کان ٿيندو ڪجھه به ڪونه باقي اعلان ۽ ڌرڻا انهن جي هٿ ۾ آهي،

اويس سونو خان راڄپر لکيو ته بلاول کي حڪومت نٿي ملي سگهي، جاويد زرداري لکيو ته اهڙا بيان سڀ ليڊر ڏيندا آهن، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته بلاول زرداري جيڪا ڳالهه ڪندو آھي ان جي ابتڙ ٿيندو آھي امپائر پنهنجا پنج سال پورا ڪندو، انتظار حسين ڦل لکيو ته سٺي ڳالھه آهي اگر ائين پيپلز پارٽي ڪري ٿي ته عوام حمايت ڪندو، اسد انڍڙ لکيو ته عمران، زرداري، نواز شريف سڀ هڪ آهن، ايم ڪي چانڊيو لکيو ته ماضي ۾ ھنن جي ڊيل جا قصا مشھور رھيا آھن، عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، احسان فقير لکيو ته بلاول جيڪا ڳالهه ڪندو آهي اها سچي نڪرندي آهي، انقلاب حميد تنيو لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، بلاول عمران خان وانگر آهي،  عوام هاڻي پ پ مان تنگ اچي چڪو آهي. عاقب جمالي لکيو ته پ پ ڪڏهن نٿي چاهي ته عمران خان جي حڪومت وڃي ڇو ته اهو رهندو ته ان جو فائدو انهن کي ٿيندو، عابد ڀٽي لکيو ته بلاول جي ڳالهه مان مطمئن آهيون، عوام تبديلي سرڪار مان تنگ ٿي چڪو آهي، جلد عوام کي خوشخبري ملندي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ڪجهه به نه ڪري سگهندا، رڳو حوال آهن، علي احمد لغاري لکيو ته ھنن کان ڪير پڇي ته ھنن سنڌ جي ترقي جا جيڪي اعلان ڪيا ويا انهن اعلانن جو ڇا ٿيو؟ سنتوش ڪمار لکيو ته ڊيل بنا ڪامياب ٿيڻ مشڪل آهي، خاموش خليل شر لکيو ته رڳو ڳالهيون آهن، مجيب الرحمان لکيو ته وفاقي حڪومت ملي يا نه پر سنڌ سرڪار ته ضرور ملندي، گلاب خاصخيلي لکيو ته سڄو معاملو ڪرسي جو آھي جنھن لاءِ سڀ ھٿ ھڻن پيا، وقار حسين لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو.