حيدرآباد( پ ر) الائيڊ اسڪولز سنڌ ريجن جي اسڪول مالڪن هڪ مذمتي اجلاس  کانپوءِ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هيڊ آفيس پاران قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي 4 اسڪولن جو غير قانوني الحاق ختم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان تعليم دشمن فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي  ۽ سمورن متاثر اسڪول مالڪن سان مڪمل طور تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي

هنن لاڳاپيل زميوارن کي ان معاملي جو فوري طور تي بحالي لاءِ نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ٻئي صورت ۾ تمام جلد لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو